ڪراچي جي ماڊل ڪورٽ رينجرز اهلڪار کي ڦاهي جي سزا ٻڌائي ڇڏي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ماڊل عدالت قتل جي ڏوهه تي رينجرز اهلڪار کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي.

تفصيل موجب ڪراچي سٽي ڪورٽ جي ماڊل عدالت ايسٽ ۾ رينجرز اهلڪار مرتضيٰ جي خلاف قتل جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ عدالت قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار مرتضيٰ کي موت جي سزا جو حڪم ڏنو.

پنهنجي فيصلي ۾ عدالت جوابدار جو مقتول جي وارثن کي 2 لک رپيا ادا ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

پوليس موجب رينجرز اهلڪار جوابدار مرتضيٰ ساٿي اهلڪار معشوق علي کي تلخ ڪلامي تي فائرنگ ڪري قتل ڪيو هو. جوابدار جي خلاف شاهراهه فيصل ٿاڻي ۾ آڪٽوبر 2016ع ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.