۽ جڏهن ثقافت جو ڏينهن قومي عيد بڻجي ويو

امتياز چانڊيو

مون کي اهي ڏينهن ياد آهن، جڏهن سنڌي ٽوپي تي ٺٺول ٿي هئي، تنهن تي سنڌ جي ڌرتي ڌڻين ۽ ثقافت سان پيار ڪندڙ ماڻهن ثقافت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ جڏهن سڏ ڏنو ته سنڌي ماڻهن ان سڏ کي اهڙي مثالي انداز ۾ ورنايو، جو نه صرف پاڪستان پر سڄي دنيا اهو ڏسي حيران ٿي وئي ته سنڌ جي ماڻهن کي پنهنجي ثقافت سان ايترو پيار آهي ۽ سنڌ جي ثقافت ۾ ڪيتري سگهه آهي، ان جو اندازو به دنيا کي ٿي ويو.

سنڌي ماڻهن بنا ڪنهن پارٽي فرق جي، بنا ڪنهن حيثيت واري فرق جي ايئن گڏ ٿي ثقافت جي ڏينهن کي ملهائڻ شروع ڪيو جيئن هٿ جون آڱريون ننڍيون وڏيون هجڻ جي باوجود جڏهن گڏ ٿينديون آهن ته انهن ۾ ڪو به فرق نظر ناهي ايندو، سنڌي ماڻهن هر ڊسمبر جي مهيني جي پهرين آچر واري ڏينهن کي ثقافت جو ڏهاڙو ڪري ملهائڻ جو وچن ڪيو، اجرڪ اوڙهيو، سنڌي ٽوپي پاتي ۽ پٽڪا پائي خوشي جو اظهار ڪيو، پهرين سالن ۾ ته ثقافت جو ڏينهن ملهائڻ ۽ سنڌي ماڻهن جي گڏجڻ تي سنڌي ثقافت جي مخالفن مختلف حربا استعمال ڪري ان ڏينهن ملهائڻ کي ناڪام بنائڻ ۽ روڪڻ جي ڪوشش به ڪئي، پر بعد ۾ سنڌي قوم جو جذبو ڏسي، ان ڏينهن تي اهڙن ماڻهن کي به اجرڪ ۽ ٽوپي پائي فوٽو ڪڍرائڻ تي مجبور ٿيڻو پيو، اهڙو عمل سنڌ جي ثقافت جي ڪاميابي جي نشاني آهي. ڌرتي جي ثقافت قومن لاءِ ھڪ اڻ کُٽ اظھار خيال، جذبي ۽ عمل جو نالو آھي، جھڙي طرح سج جي روشني انسانذات لاءِ ضروري آھي، زنده قومن يا ايندڙ نسلن لاءِ ثقافت جو هجڻ ائين لازمي آهي، جيئن جسم ۾ دل جو هجڻ ضروري آهي، اُهي قومون يا نسل سدائين دنيا ۽ تاريخ جي سنهري ورقن ۾ زنده هوندا آهن، جيڪي پنهنجي ثقافت کي اجاگر ڪندا رهندا آهن، اجرڪ، سنڌي ٽوپيءَ سان گڏ سنڌ جي ثقافت جو اهڙو اهڃاڻ آهي، جنهن کي سڄي دنيا ۾ تمام گهڻي حيثيت ملي چڪي آهي.

ثقافت

مون کي هن سال 2019 جي پهرين ڊسمبر تي ملهائجندڙ ثقافتي ڏهاڙي تمام گهڻي خوشي به ڏني ۽ حيران به ڪري ڇڏيو، ڇو ته ماضيءَ ۾ جنهن جاءِ تي ٽوپي پائڻ کي ڏوهه سمجهيو ويندو هو، ان جاءِ تي ثقافت جي حوالي سان سوين ماڻهن تي مشتمل ريليون نڪتيون، نوجوانن، پوڙهن، پڪن ۽ ٻارڙن اجرڪ اوڍيا، جيئي سنڌ جيئي، سنڌ جا وارا جيئن جا نعريٰ گونجندا رهيا، ماڻهن نه صرف انهن ثقافتي حوالي سان نڪتل ريلين جي آجيان ڪئي، پر انهن ۾ شامل ٿي جشن به ملهايو، وڏي ڪامياب ته اها آهي ته سنڌي ماڻهن ان ڏينهن کي قومي عيد جو نالو به ڏئي ان کي هميشه لاءِ ملهائڻ جو وچن ڪيو آهي.

ڪراچي جنهن کي سنڌ ڌرتي جا دشمن سدائين ٽوڙڻ جون سازشون ڪندا رهيا آهن ۽ ڪراچي اور سنڌ چئي پيا سنڌين جي جذبن سان راند کيڏندا رهيا آهن، سنڌ جي ريڙهه جي هڏي جي حيثيت رکندڙ شهر ڪراچي ۾ نوجوان ڇوڪرين جي ريلي نڪتي جنهن ڪراچي جي رستن تي اجرڪ ۽ پٽڪا پائي رقص ڪيو ۽ جيئي سنڌ جا نعريٰ هنيا، ان کي ڏسندي دنيا حيران ٿي وئي، سدائين حيدرآباد ۾ ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان مک تقريب ٿيندي آهي، جنهن ۾ سنڌ جي ثقافت سان پيار جو اظهار ڪرڻ لاءِ لکين سنڌي گڏ ٿيندا رهندا آهن، پر هن ڀيري ڪجهه مختلف ٿيو، جو مک تقريب ڪراچي پريس ڪلب سامهون رکي وئي، ان تقريب ۾ هزارن جي تعداد ۾ بي خوف ٿي سنڌ جي ڌرتي ڌڻين ثقافت جي ڏينهن کي ڀرپور نموني ملهايو، تقريب جي ميزباني سنڌي ميڊيا جي ادارن ڪئي، سنڌي راڳين قومي گيت ڳايا ۽ جيئي سنڌ جيئي وارن نعرن تي عورتون ۽ مرد رقص ڪري قومي ٻڌي جو ثبوت ڏيندا رهيا، حيدرآباد سميت سنڌ جي هر ننڍي وڏي شهر ۾ ثقافت جي ڏينهن کي واقعي عيد جو ڏينهن ڪري ملهايو ويو، ان ڏينهن سڄي سنڌ قومي رنگن سان رڱيل رهي.

هن سال ته ثقافت جي ڏينهن کي ايترو ڀرپور نموني ملهايو ويو جو حيدرآباد جي سنڌي، انگريزي توڙي اردو پڙهائيندڙ سرڪاري توڙي پرائيويٽ اسڪولن ۽ ٽيوشن سينٽرن ۾ به ننڍيون ننڍيون تقريبون ڪوٺايون ويون، جنهن ۾ شاگردن ٽيبلو پيش ڪيا ۽ قومي گيتن تي رقص ڪري ڌرتي ۽ ثقافت سان پيار جو اظهار ڪيو. هر گهر ۾ ثقافتي ڏينهن کي ملهائڻ لاءِ ڀرپور نموني تياري ڪئي وئي، ٻارڙن لاءِ ڪپڙا ۽ اجرڪ واريون ڪوٽيون، رومال ۽ روا تيار ڪيا ويا، اهڙو عمل ثقافت کي ملهائڻ لاءِ مثالي قدم ثابت ٿيو.

ثقافتي

ڪو دور هو جو ڪراچي ۾ سنڌي ماڻهو وڃڻ کان ڪيٻائيندا هئا، پر حيدرآباد شهر جيڪو سنڌ جي دل آهي، ان ۾ به اجرڪ ته پري جي ڳالهه پر ٽوپي پائي گهمڻ به مشڪل سمجهيو ويندو هو، منهنجي بابا مون کي ٻڌايو پئي ته ان دور ۾ جڏهن ٽوپي پائڻ حيدرآباد ۾ زندگي لاءِ خطرو سمجهيو ويندو هو، تن ڏينهن ۾ هو پاڻ ٽوپي پائي حيدرآباد جي ريشم گلي وٽان وڃي رهيو هو ته کيس ڪنهن اڻ سڃاتل ماڻهو هڪل ڪري مٿي تي ڌڪ هنيو، جنهن تي اتي بيٺل ڪنهن سنڌي ماڻهن جذبات ۾ اچي ان شخص کي پڪڙي ڏاڍو ڪٽڪو ڏنو. مون سوچيو پئي ته شايد تن ڏينهن ۾ اسان کان اسان جا شهر ڦرجي چڪا هئا. بهرحال زنده قومون پنهنجي ڌرتي تان ڪنهن به صورت ۾ هٿ ناهن کڻنديون، تنهن ڪري سنڌين همٿ نه هاري پنهنجي ڌرتي لاءِ لازوال قربانيون ڏنيون، سنڌ جي جوڌن ويڙهه ڪئي ۽ اڄ اسان جي ڪاميابي آهي، جو سڄي سنڌ ۾ هڪ ئي وقت تي لکين ماڻهو قومي ٻڌي طور اجرڪ ۽ ٽوپي پائي جيئي سنڌ جيئي سنڌ وارا جيئن جو نعرو هڻي سنڌ ڌرتي جي دشمنن کي منهن ٽوڙ جواب ڏئي رهيا آهن.

هاڻي ته سنڌ جي ثقافتي نشاني اجرڪ ۽ ٽوپي کي دنيا ۾ مڃيا ملي رهي آهي جو سڄي دنيا ۾ سنڌ جو ثقافتي ڏينهن جوش ۽ جذبي سان ملهايو وڃي ٿو، لنڊن، ڪيناڊا، دبئي ۽ آمريڪا سميت مختلف ملڪن جا ماڻهو به اجرڪ پائي خوشي محسوس ڪن ٿا ۽ اجرڪ بابت سٺا ويچار ونڊين ٿا، اها ڳالهه سنڌي قوم لاءِ تمام گهڻي خوشي جهڙي ڳالهه آهي. رڳو ڳالهه ڪجي اسلام آباد جي ته سنڌين کي سدائين شڪايت رهي آهي ته ان شهر مان رڳو سنڌ لاءِ ڏکيا فرمان جاري ٿيندا رهيا آهن، پر هن ڀيري ته اسلام آباد جي روڊن تي به جيئي سنڌ وارا نعريٰ گونجندا رهيا ۽ نوجوان رقص ڪندا رهيا، سنڌي ميڊيا سان گڏ اردو ميڊيا به ثقافت جي نڪتل ريلين کي ڪوريج ڏيندي رهي.

ثقافت وارو ڏينهن واقعي سنڌ جي قومي عيد وارو ڏينهن بڻجي چڪو آهي، جنهن کي سنڌي قوم سدائين عيد جيان ملهائڻ جو وچن به ڪري چئي چڪي آهي ته سنڌي قوم هميشه ثقافت کي اجاگر ڪري دنيا تائين اهو نياپو پهچائيندي رهندي ته سنڌي قوم پنهنجي ثقافت کي زنده رکڻ لاءِ اڳيان هوندي ۽ جيستائين دنيا جو وجود موجود آهي، تيستائين جيئي سنڌ جيئي سنڌ وارا جيئن جهڙا نعريٰ کونجندا رهندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.