پاڪ – سريلنڪا ٽيسٽ سيريز لاءِ ميچ آفيشلز جو اعلان ٿي ويو

 

دبئي (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ آءِ سي سي ٽيسٽ چيمپيئن شپ ۾ شامل ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز لاءِ آفيشلز جو اعلان ڪري ڇڏيو ۽ سيريز ۾ جڳ مشهور آفيشلز امپائرنگ جا فرض انجام ڏيندا.

پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ ٻن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز 11 کان 23 ڊسمبر تائين جاري رهندي، جنهن ذريعي پاڪستان ۾ 10 کانپوءِ ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي به واپسي ٿيندي.

11 کان 15 ڊسمبر تائين پنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم، راولپنڊي ۾ ميچ ريفري جون ذميواريون اينڊي پائي ڪرافٽ نڀائيندو، جڏهن ته آن فيلڊ امپائرز جون ذميواريون رچرڊ ڪيٽل برو ۽ مائيڪل گف حوالي هونديون.

ميچ ۾ رچرڊ ايلنگ ورٿ ٿرڊ امپائر ۽ شوزب رضا فورٿ امپائر جا فرض انجام ڏيندو.

19 کان 23 ڊسمبر تائين جاري رهندڙ ٻي ٽيسٽ لاءِ جيف ڪرو کي ميچ ريفري مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته بروس اوڪسن فورڊ ۽ جوئل ولسن آن فيلڊ امپائرن جون ذميواريون نڀائيندا.

نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ شيڊيول ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ گريگري بريٿ ويٽ ٿرڊ امپائر ۽ احسن رضا فورٿ امپائر هوندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.