پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو جانورن جي حفاظت لاءِ موبائل ايپ تيار

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جانورن جي سار سنڀال ڪندڙ ڪميونٽي ” Save Our Strays “ ايس او ايس خطري ۾ ڦاٿل جانورن جي بچاءَ لاءِ موبائل فون ايپليڪيشن جي شروعات ڪري رهي آهي.

ايس او ايس موجب پاڪستان ۾ جانورن جي بچاءَ لاءِ اها پهرين ريسڪيو ايپليڪيشن آهي، اها ايپ ڏکيائي ۽ خطري ۾ ورتل جانورن جي صحيح هنڌ جو پتو لڳائيندي ۽ ويجهي رضاڪارن کي تڪڙي مدد فراهم ڪرڻ جي هدايت جاري ڪندي.

ايس او ايس ايپ جي ڊائريڪٽر مصطفيٰ احمد موجب اميد آهي ته اها ايپ 23 مارچ 2020 تي ڪتن، ٻلن، گڏهن ۽ ٻين مقامي جانورن خلاف تشدد جي خاتمي لاءِ شروع ڪئي ويندي.

سندس چوڻ هو ته ان ايپليڪيشن کي ٺاهڻ جو مقصد امدادي خدمتن کي منظم انداز ۾ عمل ۾ آڻڻ کي يقيني بڻائڻ آهي، اها ايپ زخمي جانورن جي صحيح هنڌ جو پتو لڳائيندي.

ان ايپ کي پتو، ويجهي هنڌ، رابطي نمبر ۽ خطري ۾ ڦاٿل جانور جا تفصيل گهربل هوندا ۽ ان مقصد لاءِ رضاڪارن کي به تربيت ڏني پئي وڃي، جڏهن ته ان سلسلي ۾ سڃاڻپ ڪارڊ ۽ موبائل نمبر تي ٻڌل تصديق جو نظام به تيار ڪيو پيو وڃي.

ايس او ايس ايپ جي ڊائريڪٽر مصطفيٰ احمد جو چوڻ آهي ته اها ايپ شروعاتي طور ڪراچي، بدين، بهاولپور، لاهور ۽ اسلام آباد ۾ شروع ڪئي ويندي ۽ جلد ان کي ٻين شهرن ۾ به متعارف ڪرايو ويندو.

هن ٻڌايو ته اسان رڳو هلندڙ سال ۾ 15 سئو کان وڌيڪ جانورن کي بچايو آهي، جن مان گهڻا زخمي يا زهر ۾ ورتل هئا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.