هوشيار…! موسميات کاتي سخت سيءَ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي ڊسمبر جي ٽئين ۽ چوٿين هفتي ۾ ٿَڌ ۾ لهر ۾ واڌ جو امڪان ظاهر ڪيو آهي.

موسميات کاتي طرفان ڊسمبر مهيني ۾ موسم جو آئوٽ لُڪ جاري ڪيو ويو آهي، جنهن موجب ملڪ جي اولهه ۽ اترين حصن ۾ معمول کان وڌيڪ برساتن جو امڪان آهي، جڏهن ته ڏاکڻي حصن ۾ معمول کان گهٽ مينهن وسندو.

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڊسمبر ۾ اولهه هوائن جا 3 کان 4 سلسلا ايندا، جنهن سبب ملڪ جي اولهه، وچ ۽ اترين حصن ۾ وچولي برسات پوندي.

موسميات کاتي موجب اتر بلوچستان، ڪشمير ۽ ٻين اترين علائقن ۾ برفباري جو امڪان آهي، جنهن سبب گرمي پد معمول کان گهٽ رهندو.

ڏکڻ حصن ۾ گرمي پد معمول کان وڌيڪ رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته وچ ۽ ڏکڻ پنجاب ۾ ڪوهيڙي جي به اڳڪٿي ڪئي وئي آهي پر برساتن سان پنجاب جي جابلو علائقن ۾ سموگ ۽ ڪوهيڙي جي شدت گهٽجي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.