سنگين غداري ڪيس: وفاقي حڪومت اڳوڻي صدر جي درخواست تي جواب جمع ڪرائي ڇڏيو

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت سنگين غداري ڪيس ۾ اڳوڻي صدر جي درخواست تي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو.

لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ اڳوڻي صدر ۽ جنرل (ر) پرويز مشرف جي ٽرائل خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جتي وفاقي حڪومت پرويز مشرف جي درخواست تي جواب داخل ڪرايو.

ان موقعي تي سرڪاري وڪيل چيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم جي روشني ۾ ٽرائل ڪورٽ جو نوٽيفڪيشن جاري ٿيو، جنهن تي جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي چيو ته درخواست گذار موجب اهو ته وزيراعظم جو اختيار هو.

اڳوڻي صدر جي وڪيل اظهر صديق چيو ته سپريم ڪورٽ جو فصيلو پڙهي ٿو ٻڌايان، فيصلي موجب به وزيراعظم ۽ وفاقي حڪومت کي اهو ڪيس ٺاهڻو هو.

عدالت پڇاڻو ڪيو ته اٽارني جنرل ڪٿي آهي؟ جنهن تي سرڪاري وڪيل چيو ته اهو به ايندو.

جسٽس مظاهر ريمارڪس ڏنا ته غداري جي ڪيس لاءِ آئين کي معطل ڪرڻو هوندو آهي، ڇا نومبر 2007 ۾ ائين ٿيو؟ مارشل لا ته 12 آڪٽوبر تي لڳي، جنهن جو ان ڪيس ۾ ذڪر ئي ناهي، ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ ٻي ڳالهه آهي ۽ آئين معطل ڪرڻ مختلف آهي.

پوءِ عدالت اڳوڻي صدر ۽ آصف چيف جنرل (ر) پرويز مشرف جي درخواست تي ٻڌڻي 10 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.