ڪراچي پوليس دعا منگي کي بازياب ڪرڻ ۾ ناڪام،ڀنگ لاءِ اغوا جو شڪ،جاچ جاري

ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي جي علائقي ڊفينس مان اغوا ٿيندڙ دعا منگي جي خبر نه پئجي سگهي آهي، وارثن پاران دعا منگي کي ڀنگ لاءِ اغوا ڪرڻ جو شڪ ظاهر، دشمني ۾ کيس اغوا ڪرڻ وارين خبرن جي ترديد، پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته ڇوڪري جي ڀُنگ جي لاءِ اڃاتائين ڪابه فون نه آئي آهي، جڏهن ته گهر وارن ويجهي دوست مظفر جي اغوا ۾ ملوث هجڻ جو شڪ ظاهر ڪيو آهي، پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته دعا گذريل آچر واري رات دوست جي سالگره تقريب ۾ وئي هئي، سالگره جي تقريب ۾ شرڪت کان پوءِ حارث سان گڏ واڪ ڪرڻ ٻاهر نڪتي ته ڪار سوارن حارث کي گولي هڻي ڇوڪري کي اغوا ڪري ويا، اسپتال ۾ علاج هيٺ حارث جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، واقعي جا سي سي ٽي وي فوٽيج به سامهون آيا آهن، هوڏانهن پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته دعا منگي کي 5 ڄڻن اغوا ڪيو آهي شڪ آهي ته کيس آمريڪا ۾ رهندڙ اڳوڻي مڱيندي اغوا ڪرايو هجي، جاچ پوليس ذريعن ٻڌايو ته گاڏي جي اڳين سيٽن تي 2 جڏهن ته پوين سيٽن تي 3 جوابدار ويٺل هئا، انهن پنهنجا منهن لڪائڻ لاءِ ماسڪ پاتا هئا، ڇو ته دعا انهن مان ڪنهن به سڃاڻندي هجي، سمورن جوابدارن جي عمر 35 کان 45 سال جي وچ ۾ آهي، جاچ مان ظاهر  ٿيو آهي دعا منگي جو اڳوڻو مڱيندو آمريڪا ۾ رهندو آهي، ۽ دعا به ڪجهه مهينا اڳ پرڏيهه مان ڪراچي آئي هئي ٿي سگهي ٿو ته اهو هاڻي ڪراچي آيو هجي ۽ ان ئي پنهنجي دوستن سان گڏجي دعا کي اغوا ڪيو هجي، دعا جي موبائل جي ڊيٽا حاصل ڪئي پئي وڃي، جاچ پوليس موجب دعا منگي کي اغوا ۾ استعمال ڪيل گاڏي جهڙي ٻي گاڏي 27 نومبر تي بهادر آباد مان ڦر ڪئي وئي هئي، ٻئي پاسي رابطي ڪرڻ تي دعا منگي جي وارثن ان ڳالهه کي رد ڪندي چيو ته دعا منگي جو واقعو ڪجهه مهينا اڳ ڊفينس مان بسا ميمڻ جي اغوا واري واقعي جو تسلسل آهي، وارثن موجب دعا منگي کي ڪنهن به دشمني ۾ اغوا ناهي ڪيو ويو، آمريڪا مان نوجوان جي اچڻ ۽ ان پاران دعا کي اغوا ڪرائڻ وارين خبرن ۾ ڪابه صداقت ناهي، دعا جي اغوا تي سخت پريشان آهيون، دعا جي اغوا تي هر ٻولي ڳالهائيندڙ مذمت ڪري ٿو، هنن چيو ته پوليس جي روايتي سستي به آهي، پوليس به ڪنهن مهل ڪنهن تي  الزام لڳائي ٿي، جيڪڏهن سٺي نموني جاچ ٿئي ته دعا جو پتو پئجي سگهي ٿو، پوليس اسان رابطي ۾ آهي پر جيڪڏهن مثبت نتيجو نه نڪرندو تيستائين اسان مطمئن نه ٿيندا سين.

دعا منگي معاملي تي سوشل ميڊيا صارفن جا ٻٽا معيار

ڪراچي(م ڊ) دعا منگي جي اغوا کانپوءِ اهو معاملو ٽوئيٽر تي ٽرينڊ بڻجي ويو جڏهن ته هن جي ڀيڻ ليليٰ منگي فيس بڪ جو سهارو ورتو ۽ ٻڌايو ته هن جي ڀيڻ کي اغوا ڪيو ويو آهي، دعا جو ڪزن سڏرائيندڙ راهول منگي به ان باري ۾ ٽوئيٽس ڪيون ۽ دعا جي باري ۾ اطلاع ڏيڻ جي اپيل ڪئي، بي بي سي موجب جبران ناصر سميت ڪيترائي سماجي ڪارڪنن طرفان ان باري ۾ ٽوئيٽس شيئر ڪرڻ کانپوءِ  پاڪستاني سوشل ميڊيا جي ڪجهه صارفن به ان تي تبصرا ۽ بيان بازي ڪرڻ لڳا پر انهن تبصرن جو مقصد دعا جي بازيابي جي ڪوششن ۾ مدد ڪرڻ نه بلڪه هن جي شخصيت کي نشانو بڻائڻ هو، انهن مان ڪجهه ته دعا منگي جي لباس تي اعتراض ڪيو ته ڪنهن رات جي وقت دوست سان گڏ وڃڻ تي تنقيد ڪئي ۽ چيو ته ايئن ته ٿيڻو ئي هو، هڪ ٽوئيٽر صارف تابنده حنيف چيو ته هن جي خيال ۾ ڊراما سيريلز  جو ماڻهن جي روين تي وڏو اثر  آهي ۽ ” رسوائي“ ڊرامو دعا جي اغوا جي عڪاسي ڪري ٿو، ٽوئيٽر صارف عريشه بابر جو چوڻ هو ته هو چون ٿا ته ڇوڪري کي ڇا پاتل هو؟ رات جي چار وڳي جيڪڏهن منهنجي گهر ۾ ڪو مرد ناهي ۽ مان ايمرجنسي ۾ ٻاهر نڪران ٿي ته ڇا مون کي به اغوا ڪيو ويندو، اسان کي عورتن کي تحفظ ڏيڻ گهرجي، تاڙ ۾ بيٺل ماڻهن جي صفائي پيش نه ڪرڻ گهرجي، ايس ايس پي ڏکڻ شيراز احمد مهر چيو ته سوشل ميڊيا تي جڏهن ان قسم جو بحث ٿيندو آهي ته ان جو فائدو جوابدارن کي پهچي ٿو ۽ هو فرار ٿي وڃن ٿا، جڏهن به ڪو هاءِ پروفائل ڪيس ٺهندو آهي ته ان تي سوشل ميڊيا تي بحث ڪيو ويندو آهي جنهن کان پاسو ڪرڻ گهرجي، اعجاز منگي چيو ته سوشل ميڊيا ڇا ڪميونٽي ۾ به ڪجهه اهڙا ماڻهو آهن، سوشل ميڊيا تي پراڻن خيالن وارا ماڻهو ويٺا آهن جيڪي سمجهن ٿا ته نام نهاد عزت ۽ نام نهاد سيڪيورٽي انسان جي آزادي ۽ شعور کان وڌيڪ آهي، اڄ جو نسل ان کي نٿو مڃي ۽ اهو پنهنجي زندگي پاڻ جيئڻ چاهي ٿو، دعا جي باري ۾ اعجاز منگي چيو ته هو وڪالت جي تعليم حاصل ڪري رهي هئي ۽ هوءَ پروگريسو، فيمنسٽ ۽ انساني حقن جي پرچار وارا خيال رکندڙ ڇوڪري آهي،

دعا منگي لنڊن يونيورسٽي جي شاگردياڻي ۽ عورتن جي عالمي تنظيم سان لاڳاپيل

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي علائقي ڊفينس مان اغوا ڪيل ڇوڪري دعا نثار منگي يونيورسٽي آف لنڊن جي شاگردياڻي آهي. جيڪا اتي قانون جي ڊگري حاصل ڪري رهي آهي. دعا منگي جي فيس بڪ پروفائل موجب هوءَ عورتن جي حقن جي هڪ عالمي تحريڪ سان به واڳيل رهي آهي. دعا ڪراچي جي عائشه باواني اڪيڊمي مان به تعليم حاصل ڪري چڪي آهي. سماجي اڳواڻ جبران ناصر پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ ٻڌايو آهي ته دعا سان هن جي ملاقات گذريل سال چونڊ مهم دوران ٿي هئي، دعا لاءِ سندس سئوٽن سميت ناليوارا سماجي اڳواڻ، اداڪار ۽ ٻين مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ شخصيتون به دعا جي بازيابي جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي سرگرم آهن.063041

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.