عمران خان! اوهان لاءِ پيغام آهي ته گهٻرائڻ شروع ڪري ڇڏيو: مريم اورنگزيب

لاهور (م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان  عوام جو اوهان جي لاءِ هڪ پيغام آهي ته هاڻ اوهان گهٻرائڻ شروع ڪري ڇڏيو. ڇو ته اوهان جي نالائقي سان هڪ سال ۾ پاڪستان جي معيشت کي گهٽ ۾ گهٽ 26 ارب ڊالرن جو نقصان ٿي چڪو آهي پٽاٽا، بصر، ٽماٽا، دال، ماني، ، فروٽ، سڀ شيون مهانگيون ٿي چڪيون آهن. هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيڻ جي بجاءِ عمران خان 25 لک نوڪريون ڦري ورتيون آهن. مريم اورنگزيب هڪ بيان ۾ چيو آهي ته عمران صاحب اوهان هڪ سال ۾ تاريخي 11 هزار ارب قرض کڻي چڪا آهيو ۽ اوهان آءِ ايم ايف وڃي ناهيو رهيا پر وڃي چڪا آهيون.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.