وفاقي وزيرن جون چڙڏياريندڙ ٽوئيٽس، ڊان اخبار جو عملو يرغمال

اسلام آباد(م ڊ) گذريل ڏينهن ڪجهه اڻ ڄاتل ماڻهن اسلام آباد ۾ انگريزي اخبار ڊان جي آفيس آڏو مظاهرو ڪيو ۽ اخبار ۾ برطانيه ۾ چاقو سان  حملو ڪندڙ عثمان خان جي تعارف ۾ پاڪستاني لکڻ خلاف نعريبازي ڪئي، ڊان اخبار پنهنجي هيڊنگ ۾ برطانوي اختيارين جو حوالو ڏيندي چيو ته پاڪستاني ڄاول برطانوي حملو ڪندڙ دهشتگردي ۾ سزايافته هو، ڊان جي سٽي ايڊيٽر عديل رضا بي بي سي کي ٻڌايو ته انهن مظاهرو ڪندڙن جي باري ۾ خبر ناهي ته اهي ماڻهو ڪير آهن البته اهي آفيس جي ٻاهران اخبار جي هيڊنگ خلاف احتجاج ڪري رهيا هئا، هن جي اندازي مطابق انهن جو انگ ٻه ڊزن کان وڌيڪ هو، ڊان ميڊيا گروپ ۾ ڪم ڪندڙ صحافين سوشل ميڊيا تي انهن ” اڻ ڄاتل “ احتجاج ڪندڙن بابت ٻڌايو ته انهن آفيس جو گهيرو ڪري رکيو آهي، ڊان اخبار جي رپورٽر ڪاشف عباسي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو ته ٻه ڊزن جي ويجهو جٿي مظاهرو ڪيو جن مان اڪثريت اها خبر پڙهي ئي ناهي، جنهن تي اهي احتجاج ڪري رهيا هئا، برطانيه ۾ لنڊن برج حملي ۾ ملوث شخص عثمان خان جي شهريت پاڪستاني ڄاول برطانوي طور سامهون اچڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا تي هڪ نئون بحث شروع ٿيو، اهو بحث ان وقت ڇڙيو جڏهن وفاقي وزير فواد چوڌري ڊان جي ان خبر بابت هيڊلائن کي ٽوئيٽر تي تنقيد جو نشانو بڻايو، فواد چوڌري پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته ڊان مهرباني ڪري هن قوم تي ڪجهه رحم کائو، مان برطانوي دهشتگردن کي پاڪستان سان ڳنڍڻ جي توهان(ڊان) جي  ڪريل ڪوششن تي حيران آهيان، وفاقي وزير شيرين مزاري به پنهنجي ساٿي وزير سان اتفاق ڪندي ٽوئيٽ ڪيو ۽ چيو ته ” ڊان جي پنهنجي ايجنڊا“ آهي، هوڏانهن بلاول ڀٽو زرداري ڊان اخبار جي آفيس تي حملي جي مذممت ڪندي چيو آهي ته اخباري آفيس تي حملي باوجود حڪومت تماشو ڏسندي رهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.