آرمي چيف سول ادارن کي مضبوط ڪرڻ چاهي ٿو: فواد چوڌري

اسلام آباد (م ڊ) سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي واري وزير فواد چوڌري هڪ خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو آهي ته آرمي چيف سول ادارن کي مضبوط ڪرڻ چاهي ٿو ۽ وزيراعظم جي سوچ به ساڳي آهي. هن چيو ته ادارن جا سربراهه ڊائيلاگ ڪن ۽ اهم ادارن جو توازن بحال ڪن. هن چيو ته آرمي ايڪٽ تي ٻڌل لائحه عمل جي لاءِ پارلياماني ڪميٽي جوڙي وڃي. آمريڪي صدر به ادارن ۾ نئين ڊيل جي ڳالهه ڪئي هئي، جنهن تان آمريڪا تبديل ٿي ويو، هتي به اهو ضروري آهي ۽ چيف جسٽس به اهو چئي چڪو آهي ته ڊائيلاگ ضروري آهي.043041

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.