سنڌ جي نوجوانن کي هنر مند بڻائي روزگار لائق بڻائڻ لاءِ رٿابندي ڪئي آھي: سيڪريٽري امتياز شاھه

وامي آواز رپورٽ
aaaaaa
وامي آواز رپورٽ aaaaaa

سيڪريٽري سنڌ سيد امتياز علي شاھه چيو آهي ته سنڌ جي نوجوانن کي هنر مند بڻائي روزگار لائق بڻائڻ لاءِ هڪ جامع رٿابندي ڪئي وئي آھي.

نوجوانن جي معاملن واري کاتي جو اهم اجلاس سيڪريٽري سيد امتياز علي شاھ جي صدارت هيٺ ٿيو.

سيڪريٽري اسپورٽس اينڊ يوٿ افيئرس سيد امتياز علي شاھ پروگرام جي مکيه نقطن بابت آگاهي ڏيندي ٻڌايو ته ٽرپل اي پلان جي جامعا رٿابندي تحت ڪم  ڪيو ويندو.

هن چيو ته ڪمپيوٽرائيزڊ نظام ذريعي ڊيٽا گڏ ڪري سنڌ جي پٺتي پيل علائقن سميت شهري آبادين ۾ نظر انداز ٿيل نوجوانن کي هنري تربيت ڏئي روزگار لائق بڻايو ويندو، لاڳاپيل شعبن ۾ صلاحيت ۽ مهارت رکندڙ اين جي اوز کي به پروگرام ۾ شامل ڪيو ويندو.

اجلاس ۾ ڪار ساز سماجي تنظيم محمد جعفر چيو ته وٽن نوجوان به موجود آھن ۽ روزگار جا ذريعا به آھن پر ٻنهي جي وچ ۾ هنري مهارت نه هجڻ سبب وڇوٽي پيل آھي.

سنڌ اسڪل ڊولپمينٽ پروگرام جي علي حسن ڀٽو جو چوڻ هو ته سندن تنظيم جو مقصد ئي نوجوانن کي هنر مند بڻائي روزگار جي لائق بڻائڻ آهي.

هينڊز جي عبدالرحيم مري جو چوڻ هو ته سندن اداري جو سڄي سنڌ ۾ نيٽ ورڪ ۽ انفرااسٽڪچر موجوده آھي جنهن مان لاڀ حاصل ڪري سگهجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.