دادو (ويب ڊيسڪ) اردن ۾ پيٽ گذر لاءِ رهيل ڪڪڙ واسي هڪ ئي گهر جا 13 ڀاتي باهه ۾ سڙي فوت ٿي ويا.
اردن جي سرسبز علائقي جي زرعي فارم ۾ ڪاٺ جي ٺھيل عمارت کي اوچتو باھه لڳي وئي، جنهن دوران گئس سئلينڊر به ڦاٽي پيا.
واقعي جي نتيجي ۾ گهر ۾ باهه لڳڻ سبب عورتن ۽ ٻارڙن سميت 13 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا، جڏهن ته ٻه ڀائر علي شير جويو ۽ رزاق جويو ٻاهر نڪري حياتي بچائي.
فوتين ۾ 4 عورتون، 7 ٻار ۽ ٻه مرد شامل آهن، جن مڙهه اردن حڪومت ضروري ڪارروائي کانپوءِ وارثن حوالي ڪيا.
سمورن فوتين جي تدفين اردن جي شھر ڪراما ۾ ڪئي ويندي، جڏهن ته وارثن طرفان ڪڪڙ شھر ۾ تڏو وڇايو ويو آهي.