آفيسر پنهنجون ذميواريون جهاد ۽ قومي فرض سمجهي نڀائن: وزيراعظم

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مني لانڊرنگ ۽ ٻين ڏوهن جو مقابلو تحريڪ انصاف جي حڪومتي ايجنڊي جو اهم جُز آهي.

وزيراعظم سان ڊي جي ايف آءِ اي واجد ضياءَ ملاقات ڪئي، جتي احتساب بابت خاص مددگار شهزاد اڪبر به موجود هو.

هي به پڙهي سگهو ٿا: ڏکين حالتن باوجود حڪومتي قدمن سان معاشي استحڪام آيو: وزيراعظم

عمران خان چيو ته بدعنواني، سائبر ڪرائم، معاشي ڏوهه، ايميگريشن بابت ڏوهه، مني لانڊرنگ ۽ ٻين ڏوهن جو مقابلو ڪرڻ پي ٽي آءِ جي حڪومتي ايجنڊي جو اهم جُز آهي، ملڪ جي خدمت لاءِ پنهنجون سڀ ڪوششون استعمال ڪنداسين.

هوڏانهن وزيراعظم سان تازو ترقي ماڻيندڙ وفاقي سيڪريٽرين پڻ ملاقات ڪئي، جتي وزيراعظم آفيسرن کي مبارڪ ڏيندي چيو اميد ته ترقي ماڻيندڙ آفيسر پنهنجون نيون ذميواريون فرض سمجهي ۽ قوم جي خدمت سمجهي ڀرپور جذبي تحت ادا ڪندا.

هي به پڙهي سگهو ٿا:

عمران خان چيو ته پاڪستان تاريخ جي اهم ٻه واٽي تي بيٺو آهي، ملڪ جي تعمير ۽ ترقي لاءِ جتي سياسي قيادت کي نظريو ڏيڻو آهي، اتي ئي بيورو ڪريسي کي ان نظريي کي عملي جامو پهرائڻو آهي، سياسي قيادت ۽ بيورو ڪريسي کي ملڪ کي اڳتي وٺي وڃڻو آهي، تنهن ڪري نئين سوچ ۽ بهتر گڊ گورننس جي ضرورت آهي، ترقي ماڻيندڙ آفيسر پنهنجون ذميواريون جهاد ۽ قومي فرض سمجهي ادا ڪن.

سندس چوڻ هو ته حڪومت جي ڪوششن سان ملڪ ۾ معاشي استحڪام آيو آهي، گذريل 15 مهينن ۾ ملڪي توڙي پرڏيهي سيڙپڪارن هر شعبي ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي ۽ پاليسين تي اعتماد ڪيو، عالمي ادارا به ملڪي معيشت ۾ ايندڙ بهتري جي تعريف ڪري رهيا آهن، ان استحڪام کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي ضرورت آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.