”موڊيز“ جي اعلان کانپوءِ اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ زبردست تيزي

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج (پي ايس ايڪس) لڳ ڀڳ 10 مهينن جي وقفي کانپوءِ 40 هزارن جي حد پار ڪري ورتي.

اسٽاڪ مارڪيٽ جي بئنچ مارڪ ”ڪي ايس اي 100 انڊيڪس“ هڪ ئي ڏينهن ۾ 836 پوائنٽن (2.08 سيڪڙو) واڌ کانپوءِ 40 هزار 122 پوائنٽن جي سطح تي پهچي ويو.

اسٽاڪ ۾ واڌ بنيادي طور ڪريڊٽ ريٽنگ ايجنسي ”موڊيز“ طرفان پاڪستان جي معاشي صورتحال کي ناڪاري مان مستحڪم ڪرڻ جي اعلان کانپوءِ ٿي.

ڪاروبار دوران مجموعي طور 36 ڪروڙ 16 لک کان وڌيڪ شيئر جي ڏي وٺ ٿي، جن جي ماليت 13 ارب 75 ڪروڙ رپيا رهي.

اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ مجموعي طور تي 392 ڪمپنين جي شيئر جي ڏي ويٺ ٿي، جن مان 284 ڪمپنين جي شيئرز جي اگهن ۾ واڌ، 91 جي اگهن ۾ گهٽتائي، جڏهن ته 17 ڪمپنين جي شيئرن جي قيمتن ۾ ڪا تبديلي نه ٿي.

هي به پڙهي سگهو ٿا: موڊيز پاڪستان جو آئوٽ لُڪ ناڪاري مان مستحڪم قرار ڏئي ڇڏيو

ٽن اڳڀرين ٽريڊنگ ڪمپنين ۾ 7 ڪروڙ 49 لک کان وڌيڪ شيئر جي ڪاروبار سان بئنڪ آف پنجاب، 4 ڪروڙ 8 لک کان وڌيڪ شيئر جي ڪاروبار سان ڪي اي ايل ۽ 3 ڪروڙ 77 لک شيئرز جي ڪاٿي سان يونيٽي رهي.

واضح رهي ته موڊيز انويسٽر سروس پنهنجي تازي بيان ۾ چيو آهي ته پاڪستاني حڪومت کي تصديق ڪئي وئي آهي ته ملڪ ۾ جاري ڪئي ويندڙ مقامي ۽ پرڏيهي ڪرنسي ۽ غير محفوظ قرضن جي درجي بندي بي ٿري ۽ آئوٽ لڪ کي ناڪاري مان مستحڪم ڪيو ويو آهي.

موڊيز طرفان جاري بيان موجب آئوٽ لڪ ۾ اها تبديلي ادائيگين ۾ توازن، پاليسي ايڊجسٽمينٽ جي حمايت ۽ ڪرنسي جي لچڪ سبب سامهون آئي آهي، جيتوڻيڪ ناڻي جي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ گهٽتائي آئي ۽ ان جي نئين سر تعمير ۾ وقت لڳندو پر اهڙا قدم ٻاهرين خطرن کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪندا.

بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڪرنسي جي قدر ۾ گهٽتائي سبب ملڪ مالياتي معاملن ۾، گهڻي ڀاڱي قرضن جي سطح سان ڪمزور ٿي ويندا آهن، جڏهن ته آءِ ايم ايف پروگرام ذريعي پاڪستان ۾ جاري مالي سڌارا قرضن جي استحڪام ۽ ليڪويڊيٽي بابت خطرن کي گهٽ ڪري ڇڏيندا.

هوڏانهن وزيراعظم جي ناڻي بابت صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ پڻ موڊيز طرفان پاڪستان جي آئوٽ لُڪ کي مستحڪم قرار ڏيڻ جي خبر سماجي رابطن جي ويب سائيٽ تي جاري ڪئي.

سندس چوڻ هو ته اها اڳڀرائي حڪومت طرفان ملڪي معيشت جي حوالي سان کنيل ڪامياب قدمن ۽ ڊگهي عرصي لاءِ مضبوط ترقي جو بنياد فراهم ڪرڻ جي عڪاسي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.