بخشاپور: گولا برادري ۾ جهيڙو، هڪ ڄڻو مارجي، 2 ڄڻا زخمي

وامي آواز رپورٽ
بخشاپور: گولا برادري ۾ جهيڙو، هڪ ڄڻو مارجي، 2 ڄڻا زخمي
وامي آواز رپورٽ بخشاپور: گولا برادري ۾ جهيڙو، هڪ ڄڻو مارجي، 2 ڄڻا زخمي

بخشاپور ويجهو گولا برادري جي ٻن ڌُرين ۾ پُراڻي تڪرار تان جهيڙي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

ڳوٺ حافظ ڌڻي بخش گولو ۾ گولا برادري ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران ٻنهي ڌُرين هڪٻئي تي لٺين ۽ ڪهاڙين جو وسڪارو لائي ڏنو.

جهيڙي جي نتيجي ۾ 55 ورهين جو فيض محمد گولو مارجي ويو، جڏهن ته 2 ڄڻا قربان ۽ غلام مصطفيٰ گولو زخمي ٿي پيا.

اطلاع تي پوليس پهچي ۽ لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو، جڏهن ته زخمين کي به اسپتال نيو ويو.

پوليس جو چوڻ آهي ته ڌُرين ۾ ڪارنهن جو پُراڻو تڪرار هلندڙ آهي، وڌيڪ جاچ بعد معلوم ٿي سگهندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.