سنڌڙي ۽ سوڀيديري ۾ ماڪڙ فصل کائي تباهه ڪري ڇڏيو

وامي آواز رپورٽ
سنڌڙي ۽ سوڀيديري ۾ ماڪڙ فصل کائي تباهه ڪري ڇڏيو
وامي آواز رپورٽ سنڌڙي ۽ سوڀيديري ۾ ماڪڙ فصل کائي تباهه ڪري ڇڏيو

سنڌڙي ۽ سوڀيديري ۾ ماڪڙ کائي تباهه ڪري ڇڏيا آهن.

سوڀيديري جي مختلف علائقن گڏيجي ۔ عبدالڪريم کرل ۔  ھنڱورجا، صوڀوديرو ۽ راڻيپور سميت مختلف علائقن ۽ ڳوٺن ۾ ماڪڙ جو فصلن ۽ وڻ تي ديرو ڄميل آهي.

ماڪڙ ڪڻڪ، ڪمند، مڪئي ۽ سرنھن سميت چوپائي مال جي چاري لاءِ پوکيل گاھه، ڪيلن، ليمن، انبن جي باغن ۽ سبزين مٿان حملا ڪري ھزارين ايڪڙين کي کائي چٽ ڪري ڇڏيو آهي.

آبادگارن چيو ته ماڪڙ مار اسپري نه ٿيڻ جي صورت ۾ نقصان وڌڻ جو خدشو آھي..

هوڏانهن سنڌڙي ۾ ماڪڙ جي حملي بعد زميندارن جي احتجاج تي ايم پي اي سيد ذوالفقار علي شاهه جي هدايت تي ڊي سي ميرپورخاص ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر کي هدايتون جاري ڪيون.

ڊي سي ميرپورخاص ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر جي هدايتن تي ماڪڙ مارڻ جي اسپري ڪرائڻ جو ڪم شروع ٿي ويو آهي.

اسپري ٿيڻ بعد آبادگارن ۽ زميندارن ۾ خوشي جي لهر ڇانيل آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.