ايڊيليڊ ٽيسٽ ۾ به پاڪستان کي عبرتناڪ شڪست، آسٽريليا جو ڪلين سوئپ

 

ايڊيليڊ (ويب ڊيسڪ) آسٽريليا ڊيوڊ وارنر جي ٽرپل سينچري کانپوءِ مچل اسٽارڪ ۽ نيٿن ليون جي بهترين بالنگ عيوض پاڪستان کي ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ به شڪست ڏئي ڪلين سوئپ مڪمل ڪري ورتو.

ايڊيليڊ ٽيسٽ جي چوٿين ڏينهن پاڪستان ٽن وڪيٽن جي نقصان تي 39 رنسن کان پنهنجي رهيل ٻي اننگز شروع ڪئي ته شان مسعود 14 ۽ اسد شفيق 8 رنسن سان ڪريز تي موجود هئا.

ٻنهي بيٽسمينن ذميواراڻي بيٽنگ ڪندي چوٿين وڪيٽ لاءِ 103 رنسن جي ڀائيواري قائم ڪئي پر 123 جي مجموعي اسڪور تي 68 رنسون ٺاهيندڙ شان مسعود همت هارائي ويٺو، جنهن کانپوءِ اسد شفيق به گهڻي دير وڪيٽ تي نه بيهي سگهيو ۽ 57 رنسن تي پويلين موٽي ويو.

هي به پڙهي سگهو ٿا: ڏکڻ آفريقا کي ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ پاڪستان اچڻ جي دعوت

154 رنسن تي 5 وڪيٽون ڪِرڻ کانپوءِ افتخار احمد ۽ محمد رضوان ٽيم جون اسڪور 200 تائين مَس پهچايو ته افتخار به 27 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو.

پهرين اننگز ۾ سينچري اسڪور ڪندڙ ياسر شاهه 13 رنسن جو مهمان ثابت ٿيو، جڏهن ته شاهين آفريدي رڳو هڪ رنس ٺاهي سگهيو.

235 رنسن تي محمد رضوان جي اننگز پڄاڻي تي پهتي، جنهن 45 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته 239 جي مجموعي اسڪور تي محمد عباس هڪ رنس ٺاهي رن آئوٽ ٿي ويو ۽ ان سان گڏ ئي آسٽريليا ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ اننگز ۽ 48 رنسن تان ڪاميابي ماڻي ٻن ميچن سيريز ۾ 0-2 تان ڪلين سوئپ مڪمل ڪري ورتو.

ڪينگروز طرفان ٻي اننگز ۾ نيٿن ليون بهترين بالنگ ڪرائيندي 5 شڪار ڪيا، جڏهن ته جوش هيزل ووڊ 3 ۽ مچل اسٽارڪ هڪ وڪيٽ ورتي.

ڊيوڊ وارنر کي شاندار ٽرپل سينچري اسڪور ڪرڻ تي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو، جڏهن ته مين آف دي سيريز جو ايوارڊ به ان ئي ٻُهاريو.

واضح رهي ته ميچ ۾ آسٽريلوي ٽيم ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪندي 3 وڪيٽن جي نقصان تي 589 رنسون ٺاهي اننگز ڊڪليئر ڪئي هئي، جڏهن ته پاڪستاني ٽيم پهرين اننگز ۾ 302 رنسون ٺاهي فالو آن جو شڪار ٿي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.