آئين کي مڃان ٿو، ادارا به مڃن…! فضل الرحمان جي تقرير

 

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته مقتدر ادارن کي چوان ٿو مان آئين کي مڃان ٿو، توهان به مڃو.

ڪوئيٽا ۾ جلسي کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان جي ادارن جي ويڙهه جي ڪا پاليسي ناهي پر ادارن کي به آئيني حدن ۾ رهڻ گهرجي.

هن چيو ته مون کي پرويز مشرف چيو هو ته توهان ڇو آمريڪا جي غلامي کي تسليم نٿا ڪيو، مان کيس چيو توهان جي بزرگن غلامي ڪئي ۽ مون کي منهنجي بزرگن غلامي جي خلاف وڙهڻ جو رستو ٻڌايو، اسان غلامن سامهون ڪنڌ نه جهڪائينداسين.

هي به پڙهي سگهو ٿا: حڪومت مخالف تحريڪ، فضل الرحمان جو چڱن مڙسن سان رابطو

سندس چوڻ هو ته وزير ٽماٽا 17 رپيا ڪلو ٻڌائي عوام تي ٺٺول ڪري رهيا آهن، جڏهن ته هڪ ڪروڙ نوڪريون، يورپي ملڪن مان ماڻهن جو نوڪرين لاءِ اچڻ جون ڳالهيون دم ٽوڙي چڪيون آهن، ملڪ جي حاڪميت عوام بدران ٻاهرين طاقتن وٽ آهي، اسان پنهنجي ابن ڏاڏن جي ميراث جا امين آهيون، آمريڪا ۽ ٻين قومن جي بالادستي تسيلم نٿا ڪيون.


فضل الرحمان وڌيڪ چيو ته پاڪستاني قوم هڪ آزاد قوم آهي، هي ملڪ پاڪستاني عوام جو آهي، آزادي تي سوديبازي نٿا ڪري سگهون، جيڪڏهن جمهوريت آهي ته ان ۾ به ووٽ جو حق عوام جو آهي، ڪنهن جماعت يا اداري کي پاڪستاني قوم جي ان حق تي ڌاڙو هڻڻ جي اجازت نٿا ڏئي سگهون.

جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه چيو ته آزادي مارچ ۾ ساٿ ڏيڻ تي محمود خان اچڪزئي جا ٿورائتا آهيون، آزادي مارچ ملڪي سياسي تاريخ ۾ هڪ روشن بابت جو واڌارو ڪيو آهي ۽ دنيا کي پيغام ڏنوسين ته پاڪستاني عوام سليڪٽڊ حڪومت خلاف متحد آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.