ڏکين حالتن باوجود حڪومتي قدمن سان معاشي استحڪام آيو: وزيراعظم

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت جي ترجيح معاشي استحڪام، نوجوانن ۽ هنرمندن لاءِ نوڪرين جا موقعا پيدا ڪرڻ آهي.

وزيراعظم جي صدارت هيٺ حڪومتي معاشي ٽيم جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ملڪي معاشي صورتحال ۽ اعليٰ عدالتن ۾ ايف بي آر بابت ٻڌڻي هيٺ ڪيسن تي غور ويچار ڪيو ويو.

اجلاس ۾ وزيراعظم کي بريفنگ ڏني وئي ته ايڪسپورٽ جي ڪاٿي ۽ ڊالر جي اعتبار سان آمدني ۾ واڌ ڏسڻ ۾ آئي آهي، ايڪسپورٽ ۾ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هن سال آڪٽوبر ۾ 6 سيڪڙو واڌ ٿي جڏهن ته نومبر ۾ 9.6 سيڪڙو واڌ سامهون آئي.

ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪيس تڪڙي اُڪلجڻ سان ڪاروباري برادري جا مسئلا حل ٿيندا، ايڪسپورٽرز، خاص طور وچين درجي ۽ ننڍن واپارين کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪئي وڃي، جڏهن ته ري فنڊز جي ادائيگين جي سلسلي ۾ متعارف ڪرائي ويندڙ نظام کي وڌيڪ سولو بڻايو وڃي.

هن چيو ته ڏکين معاشي حالتن باوجود حڪومتي قدمن جي نتيجي ۾ معاشي استحڪام آيو، حڪومت جي ترجيح معاشي استحڪام، نوجوانن ۽ هنرمندن لاءِ نوڪرين جا موقعا پيدا ڪرڻ آهي، ان مقصد لاءِ آئوٽ آف باڪس سوچ ۽ تجويزون پيش ڪيون وڃن، حڪومت جو سڄو ڌيان عام ماڻهو کي رليف فراهم ڪرڻ تي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.