فواد چوڌري ادارن کي نئين ڊيل جي صلاح ڏئي ڇڏي…!

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته آرمي ايڪٽ ۽ معاشي صورتحال تي گڏيل لائحه عمل لاءِ پارلياماني ڪميٽي جوڙي وڃي، ادارن جا سربراهه ڊائلاگ ڪن ۽ ادارن جو توازن بحال ڪن، بهتر هوندو ته سڀ ادارا نئين ڊيل ڪن.

خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته آمريڪي صدر به ادارن ۾ نئين ڊيل جي ڳالهه ڪئي هئي، جنهن سان آمريڪا تبديل ٿي ويو هو، هتي به اهڙو ئي عمل ضروري آهي ۽ چيف جسٽس به چئي چڪو آهي ته ڊائلاگ جي ضرورت آهي.

هن چيو ته آرمي چيف سول ادارن کي مضبوط ڪرڻ چاهي ٿو ۽ وزيراعظم جي سوچ به اها ئي آهي، ادارن جا سربراهه ڊائلاگ ڪن ۽ اهم ادارن جو توازن بحال ڪن.

فواد چوڌري مطالبو ڪيو ته آرمي ايڪٽ ۽ معاشي صورتحال تي گڏيل لائحه عمل لاءِ پارلياماني ڪميٽي جوڙي وڃي، اهم معاملن تي ادارن وچ ۾ ۽ اپوزيشن سان اتفاق ٿيڻ گهرجي، پاڪستان ۾ ڪو ادارو ٻئي اداري جي طاقت نٿو وٺي سگهي، بهتر صورتحال هوندي ته سڀ ادارا نئين ڊيل ڪن.

پنجاب جي وڏي وزير جي ڪارڪردگي بابت وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم جي اعتماد تائين عثمان بوزدار وزير اعليٰ ئي رهندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.