موڊيز پاڪستان جو آئوٽ لُڪ ناڪاري مان مستحڪم قرار ڏئي ڇڏيو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وزارت چيو آهي ته عالمي مالياتي ڪريڊٽ ريٽنگ ايجنسي موڊيز انويسٽرز سروس پاڪستان جو معاشي منظر نامو (آئوٽ لُڪ) ناڪاري مان تبديل ڪري ”مستحڪم“ قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

ناڻي واري وزارت طرفان جاري ڪيل بيان موجب موڊيز پاڪستان جي ساورن (Sovereign) ڪريڊٽ ريٽنگ جي ”بي ٿري“ جي طور تي نئين سروي ذريعي تصديق ڪري ڇڏي.

بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته معاشي آئوٽ لُڪ جي ناڪاري مان مستحڪم درجي ۾ ترقي ملڪي معيشت کي سنڀالڻ ۽ مستحڪم بڻائن جي حڪومتي ڪوششن جي اعتماد جو اظهار آهي.

ناڻي واري وزارت چيو آهي ته حڪومت مستقبل ۾ تڪڙي، پائيدار ۽ برابر معاشي ترقي کي مضبوط بنيادن تي هلائڻ لاءِ معاشي سڌارن جي ايجنڊا تي قائم رهندي.

هي به پڙهي سگهو ٿا: پاڪستاني معيشت سڌي رستي تي هلي پئي آهي: وزيراعظم

هوڏانهن وزيراعظم جي ناڻي بابت صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ پڻ موڊيز طرفان پاڪستان جي آئوٽ لُڪ کي مستحڪم قرار ڏيڻ جي خبر سماجي رابطن جي ويب سائيٽ تي جاري ڪئي.

سندس چوڻ هو ته اها اڳڀرائي حڪومت طرفان ملڪي معيشت جي حوالي سان کنيل ڪامياب قدمن ۽ ڊگهي عرصي لاءِ مضبوط ترقي جو بنياد فراهم ڪرڻ جي عڪاسي آهي.

هوڏانهن موڊيز انويسٽر سروس جي بيان موجب پاڪستاني حڪومت کي تصديق ڪئي وئي آهي ته ملڪ ۾ جاري ڪئي ويندڙ مقامي ۽ پرڏيهي ڪرنسي ۽ غير محفوظ قرضن جي درجي بندي بي ٿري ۽ آئوٽ لڪ کي ناڪاري مان مستحڪم ڪيو ويو آهي.

موڊيز طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته آئوٽ لڪ ۾ اها تبديلي ادائيگين ۾ توازن، پاليسي ايڊجسٽمينٽ جي حمايت ۽ ڪرنسي جي لچڪ سبب سامهون آئي آهي، جيتوڻيڪ ناڻي جي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ گهٽتائي آئي ۽ ان جي نئين سر تعمير ۾ وقت لڳندو پر اهڙا قدم ٻاهرين خطرن کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪندا.

بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڪرنسي جي قدر ۾ گهٽتائي سبب ملڪ مالياتي معاملن ۾، گهڻي ڀاڱي قرضن جي سطح سان ڪمزور ٿي ويندا آهن، جڏهن ته آءِ ايم ايف پروگرام ذريعي پاڪستان ۾ جاري مالي سڌارا قرضن جي استحڪام ۽ ليڪويڊيٽي بابت خطرن کي گهٽ ڪري ڇڏيندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.