لاهور ۾ ڦوڪڻن ۾ هوا ڀريندڙ سئلينڊر ڦاٽڻ سبب عورت سميت 3 ڄڻا فوت

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور ۾ ڦوڪڻن ۾ هوا ڀرڻ وارو سئلينڊر ڦاٽڻ سبب عورت سميت 3 ڄڻا فوت ٿي ويا.

لياقت آباد ۾ سالار روڊ تي ڦوڪڻن ۾ گئس ڀرڻ جو عمل جاري هو ته اوچتو سئلينڊر زوردار ڌماڪي سان ڦاٽي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ عورت سميت 6 ڄڻا سڙي زخمي ٿي پيا.

ڌماڪي سبب سڙي ويل 50 ورهين جو اسحاق ٿڏي تي فوت ٿي ويو، جڏهن ته ٻين زخمين کي اسپتال نيو ويو، جتي علاج دوران 18 ورهين جو عظيم ۽ 60 ورهين جي اڻڄاتل عورت دم ڌڻي حوالي ڪيو، واقعي ۾ زخمي ٿيل وڌيڪ ٽن ڄڻن جو علاج جاري آهي.

پوليس ۽ فرانزڪ ٽيمن واقعي واري هنڌ پهچي شاهديون گڏ ڪيون.

پوليس جو چوڻ هو ته واقعي جي هر رُخ سان جاچ ڪري رهيا آهيون، ڦوڪڻن جي ٽائنڪي جي مالڪ خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.