ننڍي عمر ۾ شادين جو رجهان ۽ ميرج ايڪٽ ۾جڪڙيل نوجوان ،!!!

جي ايم کوکر

چوندا آهن ته عشق۽ جنگ جي ميدان ۾ سموريون چالون ۽ چالاڪيون جائز هونديون آهن ليڪن محبت ۽ جنگ ۾ صرف فرق ايترو آهي ته جنگ جي ميدان ۾ انسان جي موت جو امڪان رهي ٿو ۽ عشق ۾ انسان جو وجود رهي ٿو، ان ۾ ڪو به شق ناهي ته عشق جو اڻ سڌو تعلق محبت سان هجي ٿو، عشق لفظ مجموعي طور تي محبت سان ڳنڍيل آهي انسان جڏهن ڪنهن به ماڻهو سان ناتو جوڙڻڻ جو ارادو رکندو آهي ته ان کان اڳ ان ۾ محبت تلاش ڪندو آهي پوءِ اظهار ڪندو آهي ۽ پوءَ اها محبت عشق ۾ تبديل ٿي ويندي آهي ،ليڪن عشق هڪ پاڪ لفظ جو نالوآهي عشق لالچ ۽ نفرتن کان آجي هوندي آهي عشق زندهه رهڻ جو نالو آهي جيڪو مرڻ کانپوءِ به ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ زندهه رهندو آهي ۽ محبت ۾ دوکي بازي شامل هوندي آهي محبت گهڙي پل جي خواهش جو نالو آهي

انسان جو وجود انسان سان عشق ۽ محبت ڪرڻ  آهي جتان جنم ٿئي ٿو اتان کان ويندي بالغ ٿيڻ تائين جو تعلق عشق سان هجي ٿو اهو جيڪو پنهنجي ماءُ پيءُ جي پالنا۾ رهي ٿو جڏهن انسان جي فطرت ۾ بلوغيت اچي ٿي ته انسان هڪ الڳ آزادانه خواهشن جو اظهار ڪري ٿو جنهن کي جواني چوندا آهن، جنهن کي سائنس اڻ ميچوئر تصور ڪري ٿي ليڪن دنيا جي ڪيترن ئي  پاران نوجوان ٿيڻ جي عمر بابت الڳ الڳ قانون ٺاهي ڇڏيا آهن ۽ هر ملڪ پنهنجي شهرين جي جواني بابت قانون سازي ڪري رکي آهي ،چون ٿا ته چين ۾شادي ۽ شناختي ڪارڊ ٺاهڻ جي حد 14 سال آهي ،پاڪستان ۾ 18هين ترميم بعد صوبن پاران الڳ قانونسازي ڪئي وئي ليڪن پنجاب ۾ اڃان ان حوالي سان قانون سازي ناهي ڪئي وئي جتي اڳ جي چائلڊ ميرج ايڪٽ تحت  16 سال  عمر مقرر ٿيل آهي جڏهن ته سنڌ ۾ 18 هين ترميم بعد چائلڊ ميرج ايڪٽ 2013 موجب 18 سال جي عمر مقرر ٿيل آهي جنهن ۾ ڪنهن به شهري کي جوان ۽ ميچوئر تصور ڪندي ان کي آزادانه طور تي زندگي گزارڻ جا حق ڏنا ويا آهن جنهن ۾ ان ماڻهو کي ان جي خواهش مطابق فيصلن جو پڻ حق حاصل آهي

سائنس موجب خوشحال گهراڻن ۾ پلجندڙ ٻار 14 سالن کان پوءَ جواني ۾ قدم رکي ٿو، جڏهن ته غربت ۽ بي پهچ خاندانن ۾ پلجندڙ ٻار گهٽ مان 15 کان 16 سالن ۾ جوان ٿئي ٿو، ليڪن سانئس بنيادن تي ميچوئر يعني پنهنجي بري۽ ڀلي جو درست فيصلو ڪندڙ جي عمر جو تعين گهٽ ۾ گهٽ 28 سالن کان مٿي تائين لڳايو ويو آهي، اتي سائنسي شاهديون هڪ پاسي رکي سوچجي ته جيڪي دنيا جي جديديت کان اڳ انسان جي هٿ ٺوڪئي رسمن ۾ جيڪو ڪجهه ٿيندو رهيو آهي يا ٿئي پيو ان ۾ ملڪي قانون بي وس بڻيل ڇو آهي،؟ ڇا قانون به مذهبي بنيادن تي پيدا ڪيل رسمن جي زنجيرن ۾ پاڻ کي ملوث سمجهي ٿي،؟هي هڪ اهڙا سوال آهن جيڪي انسان کي مذهب کان پري ته رکن ٿا پر انسان جي حقن جي حاصلات لاءِ تمام اهم ۽ ضروري آهن جن جا جواب ملڪ جي قانون ٺاهيندڙ ادارن ۾ آيل سياسي ماڻهن کي ڏيڻا پوندا     

محبت جي زنجيرن ۾قيد نوجوان مان اڪثر نوجوان پنهنجي خواهشن خاطر نه مذهب جو ڌيان رکي ٿو نه ئي قانون جو احترام ڪري ٿو ،اڪثر طور تي آيل خبرن موجب نوجوان پاڻ کي نوجوان تصور ڪندي قانون جي پرواهه نه ڪندي شادين جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي وڃن ٿا، اتي غير مذهب سان تعلق رکندڙ نارين طرفان مذهب مٽائي شادي ڪرڻ واري رجهان ۾ به ڪافي حد تائين اضافو آيو آهي، تازو ڪراچي جي ماڙي پور مان 7 مهينن کان گم ٿيل 16 سالن جي غير مسلم وديا بابت ٻڌايو پيو وڃي ته ان مذهب مٽائي ڪنهن مسلمان نوجوان سان شادي ڪري ڇڏي آهي ليڪن هو قانون کان بچڻ لاءِ پاڻ کي منظر عام تان گم ڪري ڇڏيو ان جو سبب اهو ٻڌايو پيو وڃي ته هو جئين 18 سالن جي ٿي ويندي ان کي ظاهر ڪيو ويندو،ڪراچي ڪورنگي مان تازو ملتان جي هڪ نوجوان سان گهران نڪري مسلمان ٿيڻ بعد شادي ڪندڙ مسيح مذهب سان تعلق رکندڙ ناري هما جنهن جي عمر 14 سال ٻڌائي پئي وڃي ان سنڌ ۾ شادي ان ڪري نه ڪئي جو هتي شادي جي قانوني عمر 18 سال آهي جنهن پنجاب وڇي ان ڪري اتي شادي ڪئي جو ان صوبي ۾قانون موجب  شادي جي عمر 16 سال آهي 

هر جوان ماڻهوکي پنهنجي مرضي مطابق زندگي گزارڻ جو مذهبي توڙي قانوني طور تي مڪمل حق حاصل آهي اتي ملڪي قانون جي قائدن ۾ ڪيترن ئي نوجوانن جون زندگيون تباهه ۽ برباد ٿي ويون آهن، ڏٺو ويو آهي ته معاشر۾ رسمن ۽ قانون ۾ ڏينهن رات جو فرق آهي، اتي هٿ جي جڙيل رسمن ۾ قيد انسان جي  جڏهن 12 سالن جي ناري جي زبردستي ڪنهن به ناري يا ڇوڪري جي شادي ڪرائي وڃي ٿي ته اتي قانون جون اکيون بند هجن ٿيون ۽ ڪنهن کي تڪليف محسوس نٿي ٿئي پر جڏهن ڪو نوجوان ناري يا ڇوڪرو پنهنجي خواهش جي ناانصافي ٿيڻ تي پنهنجو گهر ڇڏي ٿو ته قانون جون شقون ان مٿان  لاڳو ڇو ٿيون ٿين ،؟قانون انهن وڏيرن جي فتوائن جو نوٽس ڇو نٿو وٺي، جن ۾ انسان جي خواهشن جو قتل ڪيو وڃي ٿو،حڪمران جماعتن کي اپيل ٿا ڪريون ته هو چائلڊ ميرج ايڪٽ تي نظر ثاني ڪري ته جئين ان قانون جي وڪڙ ۾  ايندڙ 14 سالن جي هما سميت ڪيترن ئي خوار ٿيندڙ نوجوانن کي رليف ملي سگهي ۽ اهي عمر جي حد تائين پهچڻ لاءِ ڪنهن به دارالمان يا چائلڊ بيورو ۾ انتظار نه ڪرڻو پوي، ائين نه ٿيو ته پوءِ انسان جي خواهشن جو قتل ٿيندو رهندو ۽ ميرج ايڪٽ ۾ جيڪڏهن نظرثاني نه ڪئي وئي ته سنڌ جا ڪئي نوجوان ان قانون ۾ جڪڙيل رهندا ۽ سنڌ ۾ جيڪو ميرج ايڪٽ 22013 نافض ڪيو ويو آهي ان تي حڪومت کي هڪ ڀيرو ٻيهر نظرثاني ڪري عمر جي حد وڌ مان وڌ 16 ڪرڻ گهرجي ته جئين نوجوانن جي قانون کان بچي سگهن ۽ پنهنجي حقن جو به خيال رکي سگهن ان ڪري وقت جي بادشاهن کي اپيل آهي ته خدارا محبت کي قانون جي شقن ۾ قيد نه ڪريو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.