ڀارت طرفان والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جون ڀڃڪڙيون جاري آهن: قريشي

 

ڪولمبو (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سريلنڪا جي دوري دوران نئين چونڊيل صدر گوٽابايا راجاپاڪسا ۽ پنهنجي هم منصب دنيش گوناوردينا سان ملاقاتن ۾ والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين جو معاملو اٿاريو.

سريلنڪا جي تخت گاهه ڪولمبو ۾ شاهه محمود قريشي پنهنجي وفد سان گڏ صدارتي سيڪريٽريٽ ۾ سريلنڪا جي نئين چونڊيل صدر گوٽابيا راجاپاڪسا سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻه طرفن لاڳاپن، خطي جي صورتحال سميت گڏيل دلچپسي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ملاقات ۾ پرڏيهي کاتي جو ترجمان ڊاڪٽر فيصل ۽ سريلنڪا ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن جون سينيئر اختياريون به موجود هيون.

پرڏيهي وزير سريلنڪن صدر کي پاڪستاني قيادت ۽ عوام طرفان پنهنجي ملڪ جو ستون صدر چونڊجڻ تي دلي طور مبارڪ پيش ڪئي ۽ کيس پاڪستاني صدر عارف علوي طرفان پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني.

شاهه محمود قريشي چيو ته اسان لاءِ اها به خوشي جي ڳالهه آهي ته 70 جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان جي عسڪري تربيت حاصل ڪندڙ شخصيت اڄ سريلنڪا جي صدارت جو عهدو سنڀاليو آهي، اسان کي يقين آهي ته پاڪستان ۽ سريلنڪا ۾ ڀائراڻا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا.

هي به پڙهي سگهو ٿا: مضبوط پرڏيهي پاليسي لاءِ مضبوط معيشت اڻٽر آهي: شاهه محمود قريشي

پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته سريلنڪن عوام جهڙي ريت دهشتگردي جو ڄمي مقابلو ڪيو، اهو ساراهه جوڳو آهي، ڏُڪار هجي، ٻوڏ يا ٻي ڪا قدرتي آفت، پاڪستاني عوام پنهنجي سريلنڪن ڀائرن سان گڏ بيٺل نظر ايو.

ملاقات ۾ شاهه محمود قريشي وڌيڪ چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ گڏيل واپار ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ لاءِ وڏا موقعا موجود آهن، جن مان فائدو حاصل ڪري سگهجي ٿو.

ان موقعي تي سريلنڪن صدر گوٽابايا راجاپاڪسا پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي کي سريلنڪا اچڻ تي ڀليڪار ڪيو ۽ پاڪستاني صدر عارف علوي سميت پاڪستان جي اعليٰ قيادت جا به ٿورا مڃيا.

هوڏانهن شاهه محمود قريشي ڪولمبو ۾ سريلنڪن هم منصب دنيش گوناوردينا سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل لاڳاپن ۽ مفادن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ملاقات ۾ شاهه محمود قريشي سريلنڪن هم منصب کي والاريل ڪشمير جي سنگين صورتحال بابت آگاهي ڏيندي چيو ته ڀارت طرفان انساني حقن جون ڀڃڪڙيون جاري آهن.

ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ مشاورت جاري رکڻ تي به اتفاق ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.