شاگردن تان ڪيس ختم ڪيو وڃي…! فواد چوڌري جو مطالبو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري شاگرد يڪجهتي مارچ جي انتظاميا ۽ شرڪت ڪندڙن خلاف داخل ڪيس تي چيو آهي ته پنجاب ۽ ٻين حڪومتن کي چوان ٿو ته انهن کي اها ايف آءِ آر واپس وٺڻ گهرجي.

اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي فواد چوڌري چيو ته مان مڪمل طور ان ڳالهه جي حمايت ٿو ڪيان ته شاگرد يونين کي بحال ڪرڻ گهرجي پر اسان جا جيڪي خدشا آهن، اهي ماضي جي سياست جي ڪري آهن، جتي شاگرد يونين کي سياسي جماعتن پنهنجي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو، اسان کي ان ۾ فرق آڻڻو آهي، هارورڊ، آڪسفرڊ، ڪيمبرج يونيورسٽين ۾ به شاگرد يونيز آهن ۽ اهي به بنا هٿيارن جي ڪم هلائي رهيا آهن، اسان وٽ به بنا هٿيار ۽ پرتشدد ماحول جي هڪ اسٽرڪچر ٺاهڻ جي ضرورت آهي.

هي به پڙهي سگهو ٿا: چيف اليڪشن ڪمشنر بابت معاملا سولائيءَ سان حل ٿي ويندا: فواد چوڌري

هن چيو ته ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڪنهن به ملڪ ۾ شاگرد يونين ان جي جمهوري نظام جو لازمي حصو آهي ۽ سياسي معاشرو شاگرد يونين تي پابندي جي اجازت نٿو ڏئي سگهي، جڏهن ته شاگردن خلاف جيڪا ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي، ان تي پنجاب ۽ ٻين حڪومتن کي چوان ٿو ته ڪيس کي بنا دير ختم ڪرڻ گهرجي.

سندس چوڻ هو ته ڪيترن ئي هنڌن تي زيادتيون ٿينديون آهن، ڪجهه تقريرون نامناسب به ٿيون هونديون پر ٻار ضدي هجي ته ماءُ ان کي گهران ته ناهي ڪڍندي.

فواد چوڌري وڌيڪ چيو ته پاڪستان دنيا جي 7 ايٽمي طاقتن مان هڪ آهي، مسلم دنيا ۾ اسان جي ميزائل نظام جي ڪا ڀيٽ ناهي، پاڪستان ڏکڻ ايشيا جو پهريون ملڪ هو، جنهن پنهنجي فائبر آپٽڪ ڪيبل وڇائي پر اسان پنهنجي 3 جي ۽ 4 جي ٽيڪنالاجي ۾ دير ڪري ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.