ثقافتي رنگ نکري پيا، ھر طرف قومي گيتن جي گونجار

ايم فاروق ٻرڙو

اھا ئي سنڌ آ پنھنجي،

امن جند آ جنهن جي،

انھيءَ تي ساھ گھوري ڇڏ،

امن ۽ پيار کي آڻي،

ثقافت کي سنواري ڇڏ،

جيڪڏهن ھن سھڻي ڌرتيءَ تي نظر ڊوڙائينداسين ته سنڌ اھو واحد (ديس) آهي جنهن جو تسلسل ھزارين ورھين کان ھلندڙ آھي ۽ ھلندو پيو اچي، ھن سھڻي ۽ من مهڻي ڌرتيءَ تي عالم، حافظ، مفتي اعظم، اولياءَ، پير بزرگ، علماءَ، صوفي مفڪر پيدا ٿيندا رهيا آهن جيڪي هن ڌرتيءَ جو مان ۽ مرتبو وڌائيندا رهيا آهن.

ھونئن ته سنڌي ثقافت جو پسمنظر ھزارين ورھيه آڳاٽو آهي ۽ اجرڪ جي چٽساليءَ جا اھڃاڻ موھن جي دڙي جي ماڳ مان به مليا، مطلب ته ھن ديس جا رھواسي صديون اڳ به پنهنجي خوشبودار مٽيءَ جي تھذيب ۽ ثقافت سان جسم ۽ روح جيان لازم ملزوم رھندا پئي آيا آهن، اھڙي سگھاري تسلسل جو ڳانڍاپو ته ڪنھن به ريت ٽٽي نه ٿو سگهي جنهن جو مثال ھاڻي سنڌ واسي ھر سال جي ھر ڊسمبر مهيني جي پھرين آچر تي پنھنجي ثقافت جو ڏهاڙو ملھائي ڏين ٿا،

ڪالهھ ڊسمبر 2019ع جو پھريون آچر ھو، ۽ ھر سال جيئان ھن سال به ڪروڙين سنڌين ننڍن، وڏن، شھرن، ڳوٺن، وستين، واھڻن ۾ ريليون ڪڍي ھر طرف ثقافت جا رنگ وکيري ڇڏيا ۽ ٻيا پروگرام منعقد ڪري پنهنجي ثقافت سان ڀرپور پيار ۽ پاٻوھ جو اظهار ڪيو.

سنڌي ٽوپي اجرڪ ڊي جي سلسلي ۾ هر سال ڊسمبر مهيني ۾ شروع ٿيل ثقافتي ڏينهن واري تسلسل کي اڄ ھڪ ڏھاڪو مڪمل ٿي ويو آهي ۽ سڀ کان وڌيڪ سرھائي جي ڳالهھ اھا آھي ته ھن قومي ڏڻ يا قومي ثقافتي عيد جي ڏهاڙي يا موقعي تي ھر سال اڳ کان وڌيڪ اڳرو جوش، جذبو ۽ جنون نظر اچي ٿو ۽ ائين ئي محسوس ٿيندو آهي ته نه رڳو پاڪستان پر سموري ايشيائي خطي توڙي دنيا ۾ جيڪڏهن ھن ڌرتيءَ جي گولي تي حقيقت ۾ ڪا قوم پنهنجي وڏڙن جي ھزارين ورھيه آڳاٽو پسمنظر رکندڙ شاندار ثقافت ۽ تھذيب سان پيار ڪري ٿي ته اھا واقعي سنڌي قوم ئي آهي.

جيتوڻيڪ سنڌي ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ واري تسلسل کان پوءِ پاڪستان جي ٻين صوبن ۾ به مقامي سطح تي ڪلچرل ڊي يا ثقافتي ڏينهن ملھائجڻ جا بنياد پيا جنهن جي سنڌي عوام نه صرف حمايت ڪئي پر ان کي شاندار نموني ملهائڻ جي شروعات به ڪئي اڄ کان ڏهه سال اڳ شروع ٿيل ٽوپي اجرڪ ڊي هاڻي سنڌين جو قومي ثقافتي ڏينهن بڻجي چڪو آهي، سڄي سنڌ ۾ جھڙي پذيرائي ۽ جيڪو مان، مرتبو ۽ ھاڪ سنڌي ثقافتي ڏهاڙي کي نصيب ٿئي ٿي اھا ٻئي ڪنهن اھڙي ايونٽ جي حصي ۾ نه ٿي اچي.

سنڌ ھڪ اھڙو ديس آهي، جتان سموري عالم کي انسانيت سان پيار محبت جو پيغام مليو آهي، جتان ڪڏهن به ڪنھن جنگ، نفرت يا ڪدورت جي پکيڙ ناھي ٿي، ھا اھو ضرور ٿيو آهي جو ھن ديس ۾ آيل ڌارين سنڌي قوم جي ايڪي کي نقصان رسائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي، جنھن لاءِ ڪڏهن برادري تڪرار ڪرايا ويندا آهن ته ڪڏهن وري سنڌين جي عظيم تھذيب ۽ ثقافت تي چٿر ڪرڻ کان به نه ڪيٻايو ويندو آهي پر اھو سنڌين جو ڀرپور قومي اجتماعي شعور آهي جو ھو پنھنجي متعصب دشمن کي به موٽ ۾ تعصب سان ڀريل جواب نه ٿا ڏين پر پنهنجي ثقافت ۽ تھذيب سان اٿاھ چاھ، پيار ۽ پاٻوھ جو اظهار ڪري ھر سال ان تعصب پرستيءَ تي پر امن نموني ردعمل ظاهر ڪن ٿا، جيڪا ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان پوءِ ھن ديس ۽ ھن ديس جي پرامن رهواسين سان روا رکي وئي آهي.

هر سال جي پهرين آچر تي سموري سنڌ مان ڪروڙين آواز بلند ٿي حق، سچ ۽ سونهن جو ھڪ پڙاڏو بڻجي ٿو جيڪو عمل انھن سمورن تعصبي عنصرن جي سيني تي هٿوڙي جي وار جيان محسوس ٿيندو آھي، بھرحال سنڌي قوم پنهنجي ثقافت سان اڻ کُٽ پيار ڪري ٿي ۽ نينھن جي نڀاءَ جو اھو سلسلو قيامت تائين جاري رکيو ايندي، ڇاڪاڻ ته سنڌين جي اجتماعي قومي شعور اڳيان تعصب جي ڪا به حيثيت باقي نه ٿي رهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.