سنڌي ثقافتي ڏينهن ۽ اسان جون قومي ذميواريون

ان ۾ ڪو به  شڪ نه آهي ته ”سنڌي ثقافتي ڏينهن“ هاڻي سنڌي قوم جو هڪ اهڙو ” قومي ڏينهن“ بڻجي ويو آهي جيڪو کين سڄي دنيا ۾ هڪ ڪري ٿو، سنڌي ثقافتي ڏينهن اڄ سنڌي قوم لاءِ سڄي دنيا ۾ نه فقط سڃاڻپ يا اتحاد جو ذريعو بڻجي ويو آهي پر ان سان گڏوگڏ سڄي دنيا ۾ سنڌ ۽ سنڌي ثقافت جو معتبر تعارف پڻ پيش ڪري رهيو آهي، اهو ئي سبب آهي جو دنيا جي ڪيئي ملڪن ۾ آباد سنڌي جڏهن سنڌي ثقافتي ڏينهن ملهائن ٿا ته اتان جون ڪيئي ثقافتي حوالي سان ڪم ڪندڙ تنظيمون، شخصيتون ۽ پنهنجي ثقافت سان پيار ڪندڙ ماڻهو سنڌين جي قومي سڏ تي انهن جي اڱڻ تي سُري اچن ٿا ۽ سندن سان قومي ثقافتي ڏينهن جي خوشين ۾ شريڪ ٿي خوشيون ماڻين ٿا.

سنڌي ثقافتي ڏينهن جي شروعات ڀلي کڻي ڪنهن هڪ اڻوڻندڙ واقعي کان ٿي هُجي جنهن جو جواب سنڌي عوام انتهائي مهذب پڻي ۽ شانائتي نموني ڏنو  ۽ ان جواب جو تسلسل اهڙو ته قائم رهيو جو اڄ ڪنهن کي به سنڌي عوام، سنڌي تهذيب ۽ ثقافت متعلق ڪي به منفي لفظ چوڻ کان اڳ سو دفعا سوچڻو پوي ٿو، اڄ سنڌي ثقافتي ڏينهن جي حوالي سان جيڪي به پروگرام ۽ ميلا ٿين ٿا اهي؛ اهو ثابت ڪرڻ لاءِ ڪافي آهن ته سنڌي پنهنجي تهذيب، ثقافت، ٻولي ۽ ادب سميت پنهنجي وجود متعلق ڪوبه منفي رويو ڪنهن به صورت ۾ برداشت ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن ۽ ان سان گڏوگڏ سنڌ اهو به پيغام ڏيندي رهي آهي ته سنڌ کي دنيا جي سمورين قومن ۽ انهن جي تهذيبن ۽ ثقافتن لاءِ نه صرف عزت ۽ احترام آهي پر انهن جي ترقي ۽ ڦهلاءَ لاءِ جيڪڏهن سنڌ کي ڪو ڪردار ادا ڪرڻو پيو ته خوشيءَ سان ڪندي.

سنڌي ثقافتي ڏهاڙو، اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو، نه صرف سنڌ پر پاڪستان جي انهن علائقن ۾ جيڪي تهذيبي طور تي سنڌ جو حصو رهيا آهن ۽ پاڪستان جي قيام بعد انهن علائقن جي ونڊ ورڇ ڪري انهن کي ٻين علائقن ۾ شامل ڪيو ويو، خاص ڪري سنڌ جا ست علائقا جن ۾ ڪڇ، ڀڄ، جيسلمير، راجسٿان، باڙ مير، بڙودا ۽ ڪاٺياواڙ شامل آهن، انهن کي هندستان ۾ ڄاڻايو ويو، جڏهن ته اڄوڪي پنجاب ۾ شامل ڄاڻايل سنڌ جو علائقو  جنهن کي سرائيڪي علائقو چيو وڃي ٿو، جڏهن ته بلوچستان ۾ شامل ڄاڻايل ڪيئي علائقا جيڪي سنڌ جو حصو رهيا آهن، مٿي ذڪر ڪيل علائقن ۾ اڄ به سماٽ ۽ دراوڙ نسلن جا سنڌي آباد آهن ۽ صدين کان آباد آهن، اهي سنڌي به هن ثقافتي ڏهاڙي تي ثقافتي سرگرميون ڪري پاڻ کي سنڌ سان سلهاڙي ڇڏين ٿا، اڄ سنڌي ثقافت جي ڪا سرحد نه رهي آهي، اڄ سنڌي ثقافت سڄي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڦهلجي چڪي آهي.

سنڌي ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان جيڪڏهن سنڌي ميڊيا جي ڪردار جي تعريف نه ڪبي ته اها ڳالهه بنهه زيادتيءَ ٿيندي جو اڄ ثفاقتي ڏينهن جي حوالي سان جيڪي به سرگرميون ٿين ٿيون، سنڌي ميڊيا ئي انهن لکين ماڻهن جي مهماني ڪري ٿي ۽ سنڌ جي گاديءَ واري شهر ڪراچيءِ سميت سڄي سنڌ ۾ پروگرامن جو بندوبست ڪري لکين ماڻهن کي ثقافتي خوشيون ملهائڻ جو موقعو ڏئي ٿي، ان سلسلي ۾ عوامي آواز ميڊيا گروپ جو ڪردار پڻ ساراهه جوڳو رهيو آهي جنهن جي ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ رهندڙ سنڌين تعريف ڪندا رهيا آهن.

اسين سمجهون ٿا ته سنڌي ثقافتي ڏهاڙي ملهائڻ جي حوالي سان جنهن ايڪي، اتحاد، ضابطي ۽ ذميواريءَ جي تقاضا ” ثقافتي ڏينهن“ اسان سڀني کان ڪري رهيو آهي، اسان ان تي پورا نه پيا لهون نتيجي ۾ اهو ثقافتي ڏهاڙو جنهن نموني سان ملهائجي ها، اهڙي شاندار نموني ملهائجي نه پيو سگهجي، اسان سمجهون ٿا ان ڏينهن کي ملهائڻ لاءِ سنڌي ميڊيا جو ڪردار انتهائي اهم آهي، پر سنڌي ميڊيا ان ڏينهن تي ڪو موثر گڏيل ڪردار ادا ڪري ان جي کوٽ آهي، هر گروپ الڳ الڳ نموني نعره ڏئي ۽ تقريبن به الڳ الڳ ڪري ته اها سوچ ڪنهن به طور تي قومي سوچ نه ٿي؛ ٿي سگهي، اسان اهو به سمجهڻ ۾ حق بجانب آهيون ته سنڌ جون قومي سياسي پارٽيون ان ڏينهن تي ڪي خاص سرگرميون ڪن پر ائين نه پيو ٿئي، ٻيو نه ته اهي پارٽيون ضلعي هيڊ ڪواٽرن ۾ عوام سان گڏجي انهيءَ ڏينهن جي سرگرمين ۾ شريڪ ٿين ته به هوند سرگرمين کي چار چنڊ لڳي ويندا،  اسان اهو به سمجهڻ ۾ حق بجانب آهيون ته سنڌي ثقافتي ڏينهن سنڌي قوم جو مجموعي طور تي هڪ قومي ڏهاڙو آهي، جنهن ۾ جيڪڏهن ڪا پارٽي ڀرپور انداز ۾ شريڪ ٿئي ٿي ته ان ۾ ان پارٽيءَ جي اڳواڻ سميت ان پارٽيءَ جي افرادي قوت جو هجڻ ضروري آهي پر اسين نه ٿا سمجهون ته ان پارٽيءَ جو جهنڊو يا نعرو هجڻ ضروري آهي، ڇو جو شروع وارن ڏينهن ۾ جيڪي ضابطا جڙيا هيا، انهن ۾ اها ڳالهه اهم هُئي ته ان ڏينهن تي ڪابه سياسي پارٽي ڪنهن به تقريب ۾ پنهنجو جهنڊو نه آڻيندي، اهو فيصلو ڪنهن به ممڪن تڪرار کان بچڻ لاءِ ڪيو ويو هو، جنهن تي عمل نه ٿيڻ ڪري اهو امڪان ضرور رهي ٿو ته ڪو نامناسب واقعو پيش اچي، ثقافتي ڏينهن جي موقعي تي رڳو ٽوپي، اجرڪ ۽ ثقافتي ڪپڙن جو نماءُ ضروري سمجهيو ويو، اسان اهو سمجهڻ ۾ به حق بجانب آهيون ته ان خاص ڏينهن تي سنڌ حڪومت پاران پڻ ڪن خاص پروگرامن جو انعقاد ٿيڻ گهرجي جو اها سنڌ جي حڪومت آهي ۽ ان جي ذميواري آهي پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته سنڌ حڪومت پاران اهڙي ڪنهن به قسم جي سرگرمي نظر نه ايندي آهي، جيڪا ڳالهه افسوس جهڙي آهي.

سنڌي ثقافتي ڏينهن، هاڻي سنڌي جو قومي ڏينهن آهي، اسان اڄوڪي ڏينهن تي سنڌي ميڊيا، سنڌي قومي سياسي پارٽين، قومي ڪارڪنن، اديبن، دانشورن ۽ ڏات ڏڻين کي اها ئي گذارش ڪنداسين ته سنڌي ثقافتي ڏينهن کي ملهائڻ لاءِ اهڙي قومي سوچ، ايڪي، اتحاد، ضابطي، سڀاءَ ۽ ذميواريءَ جو مظاهرو ڪيو وڃي جنهن جي تقاضا هي قومي ڏينهن ڪري ٿو، جو قومي ڏينهن، قومي ذميواريءَ جي تقاضا ڪندا آهن، جنهن جي مجموعي طور تي اسان ۾ کوٽ محسوس ٿيندي رهي ٿي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.