سپريم ڪورٽ وزير قانون کان قانون وسري ويو

محمد قاسم ميرجت

ڏاهن ماڻهن ڪشالا ڪڍي غور فڪر، مطالعا مشاهدا ۽ تجربا ڪري جيڪا ڏاهپ هٿ ڪئي، اها ڪتابن ۾ لکي ايندڙ نسل کي محرومي، مايوسي، شڪستن جي نتيجي ۾ زندگي کان بيزار ماڻهن کي نئين عزم حوصلي ۽ نئين طريقي سان جياپي جي جنگ کٽڻ جا ڏس ڏنا آهن پر ڪي فرد ۽ ٽولا ان جي ابتڙ پنهنجي ذاتي گروهي نسلي خسيس مفادن خاطر انسان ذات جي گڏيل ڀلائي بدران ماڻهن کي عذاب ۾ وجهڻ جا گھاٽ پيا گھڙيندا آهن ۽ ايڏا نود هوندا آهن جو ڀل ڪيترا ڀيرا ناڪام ٿين، دنيا مٿائن چٿرون ڪري مگر وڇون جي فطرت وارا ماڻهو  انسانن جي گڏيل مفادن کي ڏنگڻ کان باز نه ايندا، انور مقصود ۽ معين اختر جيڪي ڪجهه پويان ڇڏي آيا ان جي به خبر آهي .

پاڪستان ۾ کين جيڪا عزت شهرت ۽ دولت ملي، ان جي تقاضا اها هئي ته هو ٻين جي عزت ۽ آبرو جو به احترام ڪن مگر ضياءِ جي مارشل لائي دور ۾ هڪ ٽي وي پروگرام ۾ سنڌ جي ماڻهن جي جهالت، نا اهلي، سفارش تي وڏي سرڪار عهدي تي ويٺل ڪامورو پيش ڪيو ۽ کانئس انٽرويو وٺندي اهو ثابت ڪرڻ جي شعوري ڪوشش ڪئي وئي ته سنڌ ۾ سڀ آفيسر، ڄٽ جاهل، ڪرپٽ ۽ نالائق آهن، مگر ڪوٽا سسٽم جي ڪري وڏن سرڪاري عهدن تي  ويهاريا ويا آهن، ٻي طرف سندن اهل ۽ قابل ماڻهو ڌڪا پيا کائن، سموري دنيا مان رول ۽ ڏوهاري ماڻهو گھرائي سنڌ ۾ ناجائز نموني ويهاريائين جيئن ڌارين جي آبادي وڌيڪ ڏيکاري سگهن، ان هوندي تازي ڪرايل آدمشماري جي انگن  اکرن موجب سندن آبادي ارڙهن سيڪڙو آهي.

1972 ۾ ظاهري طرح خوامخواه ٻولي جي نالي ۾ خونخوار هنگاما ڪرائي، بيگناهه ماڻهن کي ماريو ويو . مگر جڏهن ٺاهه ٿيو ته ان ۾ انتظامي عهدن گورنر، وزير اعليٰ،  ڊپٽي ڪمشنر، ايس پي وغيره اڌو اڌ ۽ سرڪاري نوڪرين ۾ چاليهه سيڪڙو ڪوٽا لکرائي ورتي ۽ اڄ تائين ان فيصلي تي عمل ٿي رهيو آهي ان باري ۾ چپ آهن، شهرن، ڪاروبارن، ڪارخانن، شهري سڪني پلاٽن ۽ زرعي زمينن تي ڪوڙن ڪليمن ذريعي هٿ ڪيائون . نوڪرين لاءِ هڪ قصو مشهور آهي ته هڪ لڏي آيل درخواست لکائي کڻي آيو ته مونکي ڪسٽم آفيسر جي نوڪري ڏيو کانئس پڇائون ته ڪو تعليمي سرٽيفڪيٽ ڪا سند ته، ڏاڍي معصوميت سان جواب ڏنائين ته اهي ته لڏپلاڻ جي هنگامن ۾ ظالمن سڀ ساڙي ڇڏيو . چيائون ڀلا پنهنجي نالي جي انگريزي ۾ (اسپيل) ته ٻڌاءِ ته همراهه ڪاوڙجي باهه ٿي ويو چيائين ته اوهان ٻڌو ڪو نه ته ظالمن اسان جي هر شيءِ کي جلائي ڀسم ڪري ڇڏيو ته ڪليم ۾ بنا سرٽيفڪيٽ جي وڏيون نوڪريون وٺي ويهي رهيا .

اڄ انهن جو اولاد ورثي طور پاڪستان جي ڪامورا شاهي ۾ ملڪ هلائي رهيو آهي پر سندن قابليت جي سڌ تڏهن پئي جڏهن سپريم ڪورٽ ۾ سندن تيار ڪيل نوٽيفڪيشن پيش ڪيو ويو ، ڪورٽ سندن نا اهلي کي ڏسندي ريمارڪس ڏنا ته انهن  جون  ڊگريون ته چيڪ ڪري ڏسو . اها اڄ جي حالت نه آهي پر جڏهن به سپريم ڪورٽ ۾ ڪو قانوني سوال اٿاريو موروثي، نا اهلي ڪاموري شاهي ۽ سفارش، اقربا پروري يا سياسي رشوت طور مقرر ڪيل وزير ۽ اعلي! قانوني عهدا وٺندڙ جي علم، قابليت جي قلعي کلي پوندي آهي

1912ع  ۾ متحده  جي مطالبي تي سنڌ ۾ ٻٽو نظام لاڳو ڪرڻ لاءِ اڌ ڪلاڪ ۾ سنڌ اسيمبلي کان قانون پاس ڪرايو، ماڻهن رڙيون ڪيون، احتجاج ڪيا نيٺ بئرسٽر ضمير گھمرو ان ڪاري قانون کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ۽ مڪمل تياري ۽ پڪن دليلن سان پنهنجو ڪيس پيش ڪيو ، متحده جي چوڻ تي قانون جي بچاءِ لاءِ موجوده وزير قانون ۽ موجوده اٽارني جنرل کي  سنڌ حڪومت جو وڪيل مقرر ڪرايو ، ان وقت چيف جسٽس افتخار چوڌري هو ۽ ساڻس گڏ جسٽس شيخ عطمت سعيد هو ٻنهين ڄڻن سنڌ حڪومت جي وڪيلن کان ٻٽي نظام جي قانوني حيثيت تي سوا ل ڪيا، همراهن جي اهليت، قابليت نالي هاڪ، پڌري ٿي پئي، سوال هڪڙو ته جواب ڪا ڏي منهن مريم جو ڪاڏي ٽنڊو الهيار نيٺ ڪورٽ چيو ته اسين فيصلو ٿا ڪريون ته ان تي ڪورٽ کي ٻڌايو  ويو ته اهو قانون فروغ نسيم ٺاهيو آهي اڄ اچي  نه سگهيو آهي ان کي  ٻڌڻ جو موقعو ڏيو ، جنهن تي شيخ عظمت سعيد چيو ته فروغ نسيم جهڙي نالي وارو ماڻهو ههڙو جيڪا قانون ڪيئن ٿو ٺاهي سگهي، مٿس اهڙو بهتان نه هڻڻ گھرجي ، پوءِ جن قانون ٺهرايو انهن جي صلاح سان ڪورٽ جي فيصلي  کان بچڻ  ٻٽي نظام وارو قانون واپس ورتو ويو ۽ متحده ڪوبه احتجاج ڪونه ڪيو .

گذريل چئن ڏينهن کان سپريم ڪورٽ ۾ ڪمانڊر آف چيف جي نوڪري ۾ ٽن سالن جي واڌ واري نوٽيفڪيشن جي قانوني حيثيت تي بحث هلي رهيو هو . ان نوٽيفڪيشن جي بچاءُ ڪرڻ لاءِ ساڳيا وڪيل هڪ وزير قانون ٻيو اٽارني جي عهدن سان موجود هئا . جڏهن قانون ۽ آئين جي روشني ۾ جواب گھريو ويو ته ٻئي عجيب قسم جون تاويلون پيش ڪرڻ لڳا .

هڪ نوٽيفڪيشن رد ڪيو  ٻي کنيو اچن اها به غلط سندن نا اهلي قانوني اڻڄاڻائي ڏيهه توڙي پر ڏيهه ۾ خواري جو سبب بڻبي ، جڏهن ڪوبه قانوني جواب پيش نه ڪري سگهيا ته چيف جسٽس صاحب آئين جو ڪتاب مٿي کڻي چيو ته لڳي ٿو ته هي ڪتاب ڪنهن کي پڙهڻ ئي ڪونه ٿو اچي، نيٺ ميڙ منٿ تي لهي آيا چيائون منهن ساک سان لکي ٿا ڏيون ته هاڻ قانون موجب ڪم ٿيندو  جنهن مان ثابت ٿيو ته سائينداد سولنگي اجايو بدنام آهي هن ملڪ جي ڪامورا شاهي وڏا قانوني عهدا، وزير  نااهل سفارش، اقربا پروري جي بنياد ڏنڊي جي زور تي مزا پيا ماڻن، آئين  ۽ قانون جهڙي ڪابه شي نه آهي ، هاڻ به وقت آهي آئين قانون، اهليت ۽ انصاف کي اهميت ڏني وڃِي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.