سنڌي ثقافت زنده باد جو نعرو ۽اسان جون ذميواريون

علي ٿهيم

ان ۾ ڪوبه گمان نه هجڻ گهرجي ته سنڌ هڪ هئي، هڪ آهي ۽ هڪ رهندي، اسان ثقافتي لحاظ کان به شروع کان ترقي يافته رهندا آيا آهيون. ڪنهن به خطي،  ملڪ ، رياست جي شناخت اتي جي ثقافت مان ئي ٿيندي آهي، هر ملڪ، خطي، رياست جي پنهنجي پنهنجي ثقافت هوندي آهي جيڪا ان خطي کي سڄي دنيا ۾ مان مرتبو ۽ سڃاڻپ ڏيندي آهي.

دنيا جي طور طريقن،  ثقافت جو جائزو وٺبو ته انهن ۾ سنڌ جي ثقافت ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ هزارين سان قديم نظر ايندي ، سنڌ جي ثقافت نه صرف قديم آهي پر من کي موهيندڙ به آهي، جنهن ۾ اجرڪ جو ئي مثال ٿا وٺون اجرڪ سنڌ ۾ هزارين سالن کان پنهنجو وجود برقرار رکيو اچي اڄ به اجرڪ نه صرف سنڌ ۾ پر سڄي دنيا ۾ تمام گهڻي مقبول آهي، سنڌ جي اجرڪ جيئن جيئن وقت پيو گذري تيئن تيئن وڌيڪ مقبول ٿي رهي آهي، اجرڪ جي اسان بين الاقوامي سطح تي ڪا خاص مارڪيٽنگ نه ڪرائي آهي پر اجرڪ پنهنجي سونهن، دلفريب ڊزائن جي ڪري دنيا ۾ مقبول ٿي رهيو آهي، اهڙي طرح سنڌ جي ٽوپي به قديم ثقافت مان هڪ اهم جز آهي، سنڌي ٽوپي پنهنجي ڊزائن خوبصورتي جي ڪري سنڌ کان سواءِ ٻين صوبن ۾ به مقبول آهي،  سنڌ ۾ اتر ، لاڙ، وچولي ۾ ٽوپين جي ٻڌ ۾ ته ڪجهھ فرق نظر اچي ٿو پر ٽوپي جي محراب واري ڊزائن ساڳي هوندو آهي.

پٽڪو به اسان جي قديم ثقافت جو حصو رهندو آيو آهي ڪجهھ ڏهاڪا اڳ تائين سنڌ ۾ پٽڪي جو تمام گهڻو رواج هو پر آهستي آهستي سنڌ مان پٽڪي جو رواج ختم ٿيندو ويو هن وقت سنڌ ۾ ٿر، ڪاڇي ۾ وڏي عمر جا ماڻهو اڃا پٽڪا ٻڌندا آهن باقي سنڌ مان پٽڪي جو رواج تقريبن ختم ٿي رهي آهي، ثقافت جي انهن جزن کان سواءِ سنڌ جي ثقافتي شين ۾ عورتن جا گج،  گربي جو ڪپڙو، سنڌي ڀرت، ڪاشي جي سامان سميت سنڌي ثقافت جون ٻيون به انيڪ شيون سنڌ جي سڃاڻپ بڻيل آهن.

سنڌ ۾ ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ جو ڏينهن مقرر ٿي چڪو آهي ان ڏينهن تي سنڌي عوام ريليون ڪڍي خوشيون ملهائيندو آهي ۽ ناچ گانا ڳائيندو آهي، مچ ڪچهريون ڪندو آهي.

اهو ڏينهن گذريو وڃي بس پوءِ اسان کان هر شئي وسريو وڃي، وري سال جا 364 ڏينهن ساڳين لڇڻن ۾ هوندا آهيون، ثفاقتي ڏينهن ملهائڻ تمام بهتر ڪم آهي ان سان هڪ پاسي دنيا آڏو پنهنجي ثقافت اجاگر ڪندا آهيون ته ٻئي پاسي پنهنجي نئين نسل کي به پنهنجي قديم ثقافت کان آگاهي ڏيندا آهيون، دنيا کي اهو پيغام ٿا ڏيون ته اسان جي ثقافت دنيا ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهي، ان کان سواءِ اسان پنهنجي ثقافت جا وارث آهيون، سنڀاليندڙ ۽ ثقافت جي حفاظت ڪندڙ به آهيون.

هاڻي ٿورو غور ٿا ڪريون ته اسان پنهنجي ثقافت جي حفاظت جون حامون ته هڻون ٿا پر ان جي اسان ڪيتري حفاظت ڪئي آهي، ثقافت رڳو ٽوپي اجرڪ پائڻ جو نالو نه آهي، سنڌ ۾ صدين کان هلندڙ اوطاق سسٽم اسان جي ثقافت آهي،  مهمان جي عزت ڪرڻ،ترسائڻ،  ماني کارائڻ به اسان جي قديم ثقافت جو حصو آهي،  اسان جي ثقافت ۾ نياڻي جي عزت ڪرڻ،  تڏي تي ڀلي دشمن اچي ان کي عزت ڏيڻ  به اسان جي ثقافت ۾ شامل آهي. سنڌ ۾ هڪ ٻئي جي مدد ڪرڻ ، فقير در تي اچي ته ان کي خيرات ۾ اٽو يا ٻي ڪا زرعي جنس ڏيڻ،  اهي عمل به اسان جي ثقافت جو حصو رهيا آهن، اوطاقن تي ڪچهريون،  ڏور بيت،ڳجهارتون،ڏيڻ به سنڌ جي ثقافت هئي،  سنڌ جي ثقافت ۾ ٻيون به کوڙ شيون ۽ رواج شامل آهن، جن کان اسان تمام گهڻا پري نڪري ويا آهيون .

ڏهاڙا انهن شين جا ملهائبا آهن جيڪي ماضي جو قصو بڻيل هوندا آهن اسان وٽ پنهنجي ثقافت اڄ به قائم دائم آهي،  ان کي اڳتي ترقي ڏيارڻ ۽ زنده رکڻ جي ضرورت آهي، اجرڪ، ٽوپي ته اسان کي روزانو پهرڻ گهرجن پر جن ڳالهين کان اسان منهن موڙي ڇڏيو آهي انهن طريقن ڏانهن اسان کي موٽ کائڻ گهرجي، سڀ کان پهرين اسان ڳوٺن ۾ اوطاق سسٽم کي بحال ڪريون، اوطاق تي روزانو گهڻي دير نه سهي ڪجهھ گهڙيون ئي سهي وقت ڏيڻ گهرجي، ڏينهن جو وقت نه هجي ته ڳوٺاڻا پاڻ ۾ رات جي وقت ڪجهھ ڪلاڪ پاڻ ۾ ويهي ڪچهري ڪن ان سان هڪ ٻئي جي ڏک، سک تڪليف، مسئلن کان آگاھ ٿيندا آهيون. اوطاق هوندي ته ٻاهريون مهمان به رات ترسڻ لاءِ اچي سگهي ٿو، آيل مهمان کي روايت  موجب عزت ڏيڻ، ماني کارائڻ گهرجي، سنڌ مان چوپائي ڍورن کي پالڻ جتي فائدي مند آهي اتي اسان جي ثقافت به آهي، گهٽ مان گهٽ ڀلي مينهن، ڏاند، ٻڪريون، گهوڙو هجڻ گهرجي، انهن ڍورن کي پالڻ سان جتي اسان ثقافتي طور مضبوط ٿينداسون اتي اسان کي مالي فائدا به ٿيندا.

سنڌ ۾ ايڪو ٻڌي به اسان جي ثقافت جو حصو رهيون آهن اڄ اسان ذات پات ۾ ونڊيا پيا آهيون، هڪ ٻئي جا دشمن بڻيل آهيون، اڄ هڪ ٻئي جا ماڻهو مارڻ،  ڪارو ڪاري کي اسان ثقافت جو حصو بڻائي ڇڏيو آهي،  نياڻين تي تهمتون هڻي قتل ڪندڙ چوندا آهن ته اها اسان جي ثقافت آهي، اڄ سنڌ ۾ اهڙا دردناڪ واقعا پيش ٿا جن کي ڏسي، ٻڌي لڱ ڪانڊارجيو وڃن،  اهي واقعا ان ڪري ٿين ٿا جو اسان پنهنجين ريتن رسمن ثقافت کان پري ٿي چڪا آهيون. اڳ ماڻهو هڪ ٻئي جي عزتن جي حفاظت ڪندا هئا اڄ هڪ ٻئي جون عزتون نيلام ٿا ڪن.

سنڌ جيڪا علم ادب جو مرڪز رهي آهي، اڄ اسان کان علم ويو، ادب به ويو آهي، اڄ ڪنهن کي خبر ئي نه آهي، مردن ،عورتن، ڇوڪرن،  ڇوڪرين، غريبن، اميرن پاڻ کي موبائل فون تائين محدود ڪري ورتو آهي،  ثقافت ڇا آهي انهن کي ڪابه خبر نه آهي، جڏهن ثقافتي ڏهاڙو ايندو آهي ته ان ڏينهن اها اسان جي نئين نسل صرف تفريح لاءِ اجرڪ ٽوپي پائي نڪرڻ جو ڏينهن هوندو آهي. افسوس آهي جو اڄ ثقافت اسان جي نسل وٽ سواءِ تفريح جو ڪوبه قدر ڪونهي، اسان کي پنهنجي ثقافت کي ماضي جو قصو بڻائڻ کان بچائڻ لاءِ مستقل بنيادن تي ڪم ڪرڻو پوندو، حقيقت اها آهي ته هزارين سالن جو سفر طئه ڪري اڄ تائين پنهنجي حيثيت برقرار رکندڙ اجرڪ پنهنجي وجود کي پاڻ بچايو آهي ان ۾ اسان جو ڪوبه ڪردار نه آهي،  ٻين قومن جي ثقافتن بابت جائزو وٺبو ته خبر پوندي ته انهن جون ثقافتون ماضي جو قصو بڻجي چڪيون آهن مثال طور هندستان کان هجرت ڪري آيل اردو ڳالهائيندڙ پاجامو ۽ ڪرتو پائيندا هئا اهو سندن ثقافتي لباس هو اڄ انهن مان پاجامي ڪرتي جو رواج ختم ٿي چڪو آهي، بلوچستان کان ايندڙ ٻروچن جون ڏاڙهيون وٽيل هونديون هيون،  وڏيون شلوارون مٿي تي وڏو پٽڪو هوندو هو اڄ سنڌ ۾ رهيل انهن ماڻهن پنهنجي ثقافتي طور طريقن مان هٿ ڪڍي ڇڏيا آهن،  ائين چوڻ غلط نه هوندو ته ثقافت قومن جي سڃاڻپ هوندي آهي ، جن قومن پنهنجي ثقافت مان هٿ ڪڍيا انهن قومن جي سڃاڻپ ختم ٿي چڪي آهي،  سنڌ ۾ به ثقافت کي اوج ڏيڻ جي ضرورت آهي.

سنڌ جي هٿ واري هنر جي شين ۾ جيڪا ڪشش آهي اڄ جي جديد دور ۾ دنيا سنڌ جي قديمي شين کي پسند ٿي ڪري، دنيا مان سٺي موٽ به ملي رهي آهي پر اسان پاڻ سستي جو شڪار آهيون، ضرورت ان ڳالهھ جي آهي ته سنڌ جي ثقافت کي حقيقي معنى ۾ اجاگر ڪرڻ گهرجي، اجرڪ ٽوپي کان سواءِ اسان کي ثقافت جي ٻين شعبن کي به مستقل بنيادن تي مضبوط ڪرڻ گهرجي،  جيئن اسان قديم ۽ جديد سنڌ کي گڏائي دنيا سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي فخر محسوس ڪريون.

علي ٿهيم

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.