آرمي ايڪٽ ۾ ترميم: وفاقي حڪومت هٿ پير هڻڻ لڳي

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت آرمي ايڪٽ ۾ ترميم لاءِ سياسي رابطا شروع ڪري ڇڏيا.

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي قيادت سان ملاقات ڪئي.

ملاقات ۾ سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل، حليم عادل شيخ، ايم ڪيو ايم اڳواڻ ۽ وفاقي وزير خالد مقبول صديقي، فروغ نسيم ۽ عامر خان سميت ٻيا اڳواڻ به موجود هئا.

ملاقات کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته ايم ڪيو ايم ڏکين حالتن ۾ ساٿ ڏنو ۽ هاڻ به گڏ آهي، اڄ ايم ڪيو ايم سان ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ اسلام آباد ۾ ايندڙ ملاقات فائديمند هوندي.

ان موقعي تي ايم ڪيو ايم جي ڪنوينر خالد مقبول صديقي چيو ته اسان جي پاليسي واضح آهي، وفاقي حڪومت جي غير مشروط حمايت جاري رهندي.

هن چيو ته ايم ڪيو ايم جي مطالبن جي وفاقي حڪومت جي رفتار ڏاڍي سست آهي، جمهوري حڪومتون ڪراچي کي پاڪستان جو حصو سمجهندي ڪردار ادا ڪن.

سندس چوڻ هو ته اسان پنهنجي حصي جون سموريون ذميواريون نڀائي رهيا آهيون، معيشت سنڀلجڻ شروع ٿي وئي آهي، ملڪ مسئلن مان نڪري چڪو آهي پر سنڌ جي شهري علائقن تي ڌيان ڏنو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.