سڄي دنيا ۾ سنڌي ثقافتي ڏهاڙو جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ سميت سڄي دنيا ۾ ثقافتي عيد جوش ۽ جذبي سان ملهائي وئي.

سنڌ جو ”ثقافتي ڏهاڙو“ هر سال ڊسمبر جي پهرين هفتي ۾ ملهايو ويندو آهي، جنهن کي ثقافتي عيد به چيو ويندو آهي ۽ ان ڏينهن تي نه رڳو سنڌ پر سڄي دنيا ۾ ثقافتي رنگ نظر ايندا آهن.

سنڌ جي ثقافتي ڏهاڙي جي موقعي تي ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، سکر، نواب شاهه، خيرپور، لاڙڪاڻي، شڪارپور، دادو، ٺٽي، بدين، گهوٽڪي، مٽياري، ٿرپارڪر، ٽنڊي الهيار، ڪنڌڪوٽ سميت ننڍن وڏن شهرن ۾ ثفاقت کي اجاڳر ڪرڻ لاءِ تقريبون ٿيون، پريس ڪلبن ۽ آرٽس ڪائونسل سميت تعليمي ادارن ۾ پڻ ثقافتي پروگرام ٿيا، ان سان گڏوگڏ ريليون ڪڍي ثقافت سان محبت جو اظهار ڪيو ويو.

سنڌي ثقافتي ڏهاڙي جي موقعي تي نوجوانن، نارين، ٻارڙن توڙي ٻُڍن مخصوص لباس پائي پنهنجي ثقافت سان محبت جو اظهار ڪيو، مردن اڇا وڳا پهري اجرڪ ۽ ٽوپي سان ثقافتي عيد ملهائي، جڏهن ته عورتن اجرڪ جي ڊزائن سان تيار ثقافتي لباس پائي خوشي ملهائي.

ثقافت جي حوالي سان ٿيل تقريبن ۾ سنڌ سميت سڄي دنيا ۾ امن ۽ سُڪار لاءِ دعائون گهريون ويون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.