ايس ايس پي دادو نينگريءَ کي ڪارنهن الزام هيٺ قتل جي خبرن جو نوٽيس ورتو

 

واهي پانڌي (ويب ڊيسڪ) واهي پانڌي ڀرسان ڊرگهه بالا ۾ گذريل رات نينگري گل سما ڌيءَ علي بخش کي ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪرڻ جي خبرن کانپوءِ ايس ايس پي دادو واقعي جو نوٽيس وٺندي ڊي ايس پي جوھي کي جاچ آفيسر مقرر ڪري ڇڏيو.

ڊي ايس پي جوهي جنازو پڙهندڙ مولوي کي قبر ڏيکارڻ لاءِ ساڻ ڪري ان جاءِ تي پهتو، جنهن کانپوءِ مولوي ۽ نينگري جي وارثن جا ويڊيو بيان پڻ ورتا ويا.

ان موقعي تي نينگريءَ جي والدين بيان ڏيندي چيو ته سندن نياڻي جبل هيٺان راند کيڏي رهي هئي ته مٿان وڏو ڀتر ڪِريو، جيڪو مٿي  ۾ لڳڻ سبب هوءَ ٿڏي تي فوت ٿي وئي.

پوليس اختيارين موجب معاملي جي رپورٽ ايس ايس پي دادو ۽ عدالت ۾ موڪلي ويندي، جنهن کان پوءِ قبر ڪشائي ڪري سموري معاملي جو پتو لڳايو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.