پاڪستان اسان کان ڪا جنگ نٿو کٽي سگهي: ڀارتي وزير جون ڀڀڪيون

 

پونا (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي بچاءَ واري وزير راج ناٿ سنگهه هڪ ڀيرو ٻيهر ڀڀڪيون هڻندي چيو آهي ته پاڪستان اسان کان روايتي جنگ نٿو کٽي سگهي، تنهن ڪري ان پراڪسي وار جو رستو چونڊيو.

پوني جي نيشنل ڊفينس اڪيڊمي ۾ پاسنگ آئوٽ پريڊ کي خطاب ڪندي راج ناٿ سنگهه چيو ته پاڪستان پنهنجو پراڪسي وار جو شوق پورو ڪري رهيو هو، ڇو ته ان کي خبر پئجي وئي آهي ته اهو اسان کان روايتي جنگ نٿو کٽي سگهي، پاڪستان پراڪسي وار جو رستو پاڻ چونڊيو، جنهن ۾ ان کي رڳو شڪست ٿي.

هن چيو ته پاڪستان 1948 کان ئي حقيقت ڄاڻي چڪو هو ۽ پوءِ 65، 71 ۽ 99 جي جنگين ذريعي ته هو ڀارت کان ڪا روايتي يا محدود جنگ نٿو کٽي سگهي.

سندس چوڻ هو ته پاڪستان دهشتگردي ذريعي پراڪسي وار جو رستو چونڊيو پر مان مڪمل ذميواري سان اهو ٻڌائي سگهان ٿو ته پاڪستان کي سواءِ شڪست جي ڪجهه حاصل نه ٿيندو.

ڀارت جي بچاءَ واري وڌيڪ چيو ته اسان جا سدائين ٻين ملڪن سان سٺا ۽ دوستاڻا لاڳاپا رهيا، ڀارت جا ڪڏهن واڌو علائقائي مقصد نه رهيا پر ڪا شرپسندي ٿي ته اسان ڪنهن کي نه ڇڏينداسين.

راج ناٿ سنگهه موجب اسان پنهنجي خود مختياري ۽ پنهنجي ملڪ جي شهرين جي حفاظت لاءِ پرعزم آهيون پر ڪير اسان جي سرزمين تي دهشتگرد ڪئمپ ٺاهي يا وري حملن ۾ ملوث هجي ته اسان کي خبر آهي ان کي ڪيئن جواب ڏيڻو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.