سليڪٽرن کي سوچڻو پوندو ته ملڪ وڌيڪ تجربا برداشت نٿو ڪري سگهي: پ پ چيئرمين

 

مظفر آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته حڪومت کان هڪ قانون پاس نٿو ٿئي، آرمي چيف جي مدي ۾ گڏيل طور واڌ ڪيئن ڪرائيندي؟ سليڪٽرن کي سوچڻو پوندو ته ملڪ وڌيڪ تجربا برداشت نٿو ڪري سگهي.

مظفر آباد ۾ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آرمي چيف جي مدي ۾ واڌ جو معاملو پارليامينٽ ۾ ايندو، ڏسڻو آهي ته جن کان هڪ نوٽيفڪيشن نه ٺهي سگهيو ۽ هڪ سال ۾ هڪ قانون پاس نه ڪرائي سگهيا، اهي 6 مهينن اندر ايتري اهم قانون سازي لاءِ ڪيئن پارليامينٽ ۾ اتفاق راءِ پيدا ڪندا ۽ آئين ۾ ترميم ڪندا.

هي به پڙهي سگهو ٿا: پيپلز پارٽي شاگرد يونين جي بحالي جي حامي…! بلاول جو ٽوئيٽ

هن چيو ته ادارن جو ڪم ڪاروبار ڪرڻ ناهي، ڪيستائين وڏن ادارن کي ٽيڪس نيٽ کان ٻاهر رکيو ويندو، سڀني کي گڏجي ترقي ۾ حصو وجهڻو پوندو، ڪير مقدس ڳئون نٿو ٿي سگهي، هيءَ حڪومت اميرن کي رليف ۽ عوام تي بار وجهي رهي آهي، هي نئون پاڪستان آهي، جنهن ۾ هارين کان سبسڊي کسي پئي وڃي ۽ ارب پتي ماڻهن لاءِ ايمنسٽي اسڪيم اچي ٿي.


سندس چوڻ هو ته جڏهن کان حڪومت آئي آهي ڪو اهڙو ادارو ناهي جيڪو زوال ۾ نه هجي، هن حڪومت مان جان ڇڏائڻي پوندي، سليڪٽرن کي سوچڻو پوندو ته ملڪ وڌيڪ تجربا برداشت نٿو ڪري سگهي، سليڪٽڊ کي گهر موڪلڻو پوندو.

پ پ چيئرمين وزيراعظم کي مخاطب ٿيندي چيو ته عمران خان ڪن کولي ٻڌي ڇڏيو! آصف زرداري پاڪ چين اقتصادي راهداري منصوبي جو بنياد رکيو ۽ اسان ان منصوبي تي توهان کي يوٽرن وٺڻ نه ڏينداسين.

تازا ترين خبرن کان هر وقت باخبر رهڻ لاءِ هيٺ ڏنل لنڪ تي ڪلڪ ڪري عوامي آواز جو واٽس ايپ گروپ جوائن ڪيو

https://chat.whatsapp.com/2zMUMcLlz5B8jnRMoitnpX

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.