رتيديري ۾ پ پ ش ڀ اڳواڻ جي خون سان انصاف لاءِ مظاهرو

رتوديرو (ن ع آ) ڪراچي جي منگھو پير واري علائقي مان 16 آڪٽوبر 2018 تي کنڀي مبينه ڪوڙي پوليس مقابلي ۾ قتل ڪيل سپاف پ پ شھيد ڀٽو جي اڳواڻ  اسد عمراڻي جي خون سان انصاف نه ٿيڻ خلاف پ پ شھيد ڀٽو پاران خدايار سولنگي ، طارق رحيم کٽياڻ ، بشير جويو ، عمران عمراڻي ، صفي الله کٽياڻ ۽ بابر جيھو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو ، مظاھرين پ پ شھيد ڀٽو جي آفيس کان احتجاجي ريلي ڪڍي جيڪا شھر جي مختلف رستن کان ٿيندي بس اسٽينڊ رتوديرو پھتي جتي سخت احتجاج ڪري ڌرڻو ھنيو ويو جنھن سبب مختلف شھرن ڏانھن ٽرئفڪ جي آمدرفت ٻن ڪلاڪن تائين معطل ٿي وئي . ، ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته اسد عمراڻي جي قتل ۾ ملوث سي پي ايل سي ڪراچي جي پوليس اھلڪارن خلاف ڪراچي ھاء ڪورٽ ۾ ڪيس ھلندڙ آھي ملوث جوابدار ضمانت تي آزاد آھن ، ھنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪندي چيو ته شھيد اسد عمراڻي کي ناحق قتل ڪندڙ پوليس اھلڪارن کي گرفتار ڪري ڦاھي جي سزا ڏني وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو .6

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.