بدين ۾ سيشن جج پاران مختلف عملدارن کي سرٽيفڪيٽ فراهم

بدين (رپورٽ: رازقڏنو کوسو) ماڊل ڪورٽ جي ڪارڪردگي ايوارڊ  تقريب سيشن ڪورٽ بدين جي ميٽنگ هال ۾ ٿي گذري، جنهن ۾ ڪارڪردگي بنيادن تي  سيشن جج بدين نديم احمد آخوند ايس ايس پي بدين حسن سردار نيازي, ڊي ايڇ او بدين لياقت قمبراڻي، مير اشفاق ٽالپر، مير نصير ٽالپر ۽ ٻين کي سرٽيفڪٽ ڏنا. ان موقعي تي سيشن جج بدين نديم آخوند تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته سپريم ڪورٽ ۽ سنڌ ھاء ڪورٽ  جي چيف جسٽس پاران ماڊل ڪورٽن جي بهترين ڪارڪردگي تي شاباش طور سرٽيفڪيٽ ڏنا. هن چيو ته بدين ضلعي م قائم ماڊل ڪورٽن ۾ چار هزار ڪيس آيا، جنهن ۾ 38  سئو ڪيسن تي فيصلا اچي ويا جڏهن ته  ماڻهن کي تڪڙو انصاف مليو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.