شادي لارج ۾ عورت جو سماجي تنظيم خلاف احتجاج

شادي لارج(ن ع آ) شادي لارج لڳ ڳوٺ پليو خاصخيلي جي رهواسي عورتن سلما، سنگھار، ڪريمان، سماني، ساران، زينه ۽ ٻين سماجي تنظيم سرسو خلاف احتجاج ڪندي چيو ته بدين ۾ ڪم ڪندڙ سماجي تنظيم سنڌ رورل سپورٽ آرگنائيزيشن جي  ايس او ڪرن خواجه اسان جي ڳوٺ ۾ چنري سکيا سينٽر کوليو ۽ هن چيو ته سکيا وٺندڙ عورتن کي ٽي هزار روپيا ماهوار معاوضو ڏنو ويندو اسان جي ڳوٺ جي 30 عورتن پورو مهينو سينٽر مان سکيا ورتي پر سماجي تنظيم جي ايس او 23 ماين کي چيڪ ڏنا آهن باقي اسان کي معاوضو نه ڏنو آهي ۽ هڪ عورت ڪريمان ٻڌايو ته سينٽر ۾ چانھ لاءِ سماجي تنظيم جا اڳواڻ کير وٺندا هئا جنهن جا پڻ اڌ پسئا مليا آهن باقي 2 هزار رهيل آهن جيڪي تنظيم وارن ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي هنن چيو ته اسان اهڙي دانهن سماجي تنظيم جي ضلعي عملدارن کي به ڏني آهي  . پر تنظيم وارن پر ڪوبه کڙتيل نه نڪتو آهي هنن ڊي سي بدين کان مطالبو ڪيو ته فوري نوٽيس وٺي اسان سان انصاف ڪيو وڃي، ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي سماجي تنظيم سنڌ رورل سپورٽ آرگنائيزيشن جي ضلعي آفيسر لطيف سومرو ٻڌايو ته اسان ڳوٺ پليو خاصخيلي ۾ عورتن جي چنري جي سکيا جو سينٽر کوليو جنهن ۾ ٽوٽل 29 عورتن کي چنري ٺاهڻ جي ٽريننگ ڪرائي جنهن مان 23 عورتن کي معاوضو 3000 روپين جا چيڪ ڏنا آهن باقي احتجاج ڪندڙ عورتن جي شناختي ڪارڊن ۾ مسئلو آهي اسان پمئنٽ بئنڪ جي ذريعي ڪندا آهيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.