قاسم آباد واسي گرفتار نوجوان گم ڪرڻ تي شيدي برادري جو پوليس خلاف احتجاج

حيدرآباد(رپورٽر) قاسم آباد جي شيدي ڳوٺ جي رهواسي شيدي برادري جي عورتن ۽ مردن پوليس پاران زوار علي قمبراڻي کي گرفتار ڪرڻ بعد مبينا طور تي گم ڪرڻ خلاف حيدرآباد پريس سامهون مسمات رخسانه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي هنن چيو ته نسيم نگر ٿاڻي جي پوليس سندن نوجوان زوار علي قمبراڻي کي 26 نومبر تي ناحق گرفتار ڪري ٿاڻي تي رکيو، جنهن کي بعد ۾ ٿاڻي تان ڪڍي نامعلوم هنڌ منتقل ڪري انچارج زاهد حسين چانڊيو گم ڪري ڇڏيو آهي. هنن خدشو ظاهر ڪيو ته پوليس سندن نوجوان کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ملوث ڄاڻائي هاف فرائي يا فل فرائي ڪري نه ڇڏين. هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته زوار علي  قمبراڻي جي ناحق گرفتاري جو نوٽيس وٺي کيس آزاد ڪرايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.