ڪاڇي ۾ ٿاڻي جي ڀت ڪرڻ سبب نينگر فوت، هڪ زخمي

ڊرگهه بالا ( ن ع  آ  )  ڪاڇي جي ڳوٺ قصبو ۾ 1995 کان ٿاڻي جي بلڊنگ مڪمل نہ ٿيڻ ۽ زبون حال ھجڻ سبب شھر جا معصوم ٻارڙ راند ڪندي ٿاڻي جي ڀت  ڪرڻ سبب 2 معصوم ٻارڙا دٻجي ويا . جنھن شھري زخمي جي حالت ۾ ڀت ھيٺان ڪڍي ٻاھر ڪيو جتي 10 ورهين جو علي محمد پٽ مٺل لغاري  زخمن جا سور نه سھندي فوت . جڏھن ته  9 ورهين جو ساجد پٽ بگن  لغاري شديد  زخمي حالت ۾ دادو سول اپستال نيو ويو . شھرين ٻڌايو آھي ته  اڄ هي واقعو قصبي جي رهواسين کي روئاري  ڇڏيو آھي، سنڌ پوليس ايس ايس پي دادو ۽ سنڌ حڪومت جي بي دياني سبب 2 معصوم ٻارڙا قصبو ٿاڻي جي ڀت هيٺان اچي ڌٻجي ويا آھن، هڪڙو ٿڏي تي فوت ۽ ٻي کي سخت زخمي حالتن ۾ دادو سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي، قصبو ٿاڻي جي عمارت 1995 ع ۾ ڪرڙين رپين جي لاڳت سان تيار ٿي هئي، شهرين جو ايس ايس پي دادو ۽ سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪندي چيو آھي جلد قصبو ٿاڻو موت گهر کي ڊاهيون وڃي يا مرمت ڪري نئين  عمارت ڪئي وڃي  .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.