سکر سول اسپتال ۾ نينگري فوت، ڊاڪٽر تي غفلت جو الزام

سکر(رپورٽر ) سکر سول اسپتال ۾ ڊاڪٽر شڪي  غفلت سبب نينگري فوت ٿي وئي، وارثن ڊاڪٽر تي غفلت جو الزام هڻندي  احتجاجي مظاهرو ڪري ڊاڪٽر  خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو مطالبو آھي. ريجنٽ جي رهواسڻ 14 ورهين جي نينگري عاصمه اعواڻ شڪي طور ڊاڪٽر جي غفلت سبب سول اسپتال۾ فوت ٿي وئي آهي،  نينگري جي والد خان محمد اعواڻ، محمد علي، الطاف حسين اعواڻ ۽ ٻين وارثن احتجاجي مظاهرو ڪندي الزام مڙهيو آهي ته ڊاڪٽر  جي غفلت ۽ لاپرواهيءَ سبب سندن نينگري فوت ٿي  آهي، نينگريءَ کي ڦڦڙن جي بيماريءَ سبب سول اسپتال آندو ويو هو جِتي ڊاڪٽر کي منٿون ڪيون ته نياڻيءَ جو علاج ڪريو پر اِن باوجود نه ڊاڪٽر نياڻيءَ کي چيڪ ڪرڻ جي لاءِ نه پهتو ۽ نه ئي وري آڪسيجن ڏني، جنهن ڪري نياڻي فوت ٿي  آهي. هنن اختيارين کان ڊاڪٽر خلاف ڪارروائي ڪري مٿس ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.