ڏهرڪي لڳ زمين جي مالڪي تان 2 ڌرين ۾ جهيڙو، 4 ڄڻا زخمي

ڏهرڪي ( ت ر)ڏهرڪي جي ڳوٺ قبول کونهارو ۾ زمين  جي مالڪي تان سولنگي برادري جي ٻن ڌرين جي وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو جهيڙي ۾ ٻنهي ڌرين طرفان لٺين  جي  استمعال سبب  هڪ ڌر جا چار ڄڻا فيض محمد سولنگي ،نظر محمد سولنگي ،نياز ۽ محمد موسيٰ سخت زخمي ٿي پيا جن کي فوري طور تي سرڪاري اسپتال آندو ويو جتي زخمين کي طبي امداد ڏني وئي جنهن مان هڪ جي حالت ٻڌائي پئي وڃي جنهب کي رحيم يار خان نيو ويو آهي ڏهرڪي پوليس جهيڙي جي ابتدائي رپورٽ درج ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.6

ٻلهڙيجي ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، اخباري هاڪر زخمي

ڏوڪري (ت ر )  موهن جو دڙو جي اخباري  هاڪر ڳوٺ ٻلهڙيجي جي رهواسي عبدالحڪيم ابڙو جي نوجوان پٽ عبدالحميد ابڙو ۽ ڀاء اڪبر  ابڙو مٿان ابڙا برادري جي وهاب ابڙو، زاهد ابڙو ۽ ٻين معمولي ڳالهه تان جهيڙو ڪري ڏنڊن جا وار ڪري ٻنهي ڄڻن کي سخت زخمي ڪري وڌو زخمي عبدالحميد ابڙو کي ڏوڪري اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي هوڏانهن موھن جو دڙو ٿاڻي تي 5 جوابدارن وهاب، زاهد، واجد، زهير ۽ ڀولو ابڙو مٿان اين سي داخل ڪرائي وئي آهي .

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.