ڏوڪري ويجهو پوليس ڪارروائي، ناري هٿ، مامي حوالي

لاڙڪاڻو(ڊ ر) حسن واهڻ پوليس ڏوڪري تعلقي جي ڳوٺ هڪڙا ويجهو ڪارروائي ڪندي عورت سنڌو ڌيءُ غلام مصطفيٰ ڏيروکي بازياب ڪرائي کيس  وومين ٿاڻي تي منتقل ڪري ڇڏيو جتان کيس لاڙڪاڻي جي فورٿ فورٿ جڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو جتي ناري عدالت کي ٻڌايو ته ڪجهه سال اڳ منهنجو مڙس فوت ٿيو هو جنهن بعد منهنجي مائٽن مون کي لياقت علي ٻرڙي سان پرڻايو جيڪو مون کي تشدد جو نشانو بڻائيندو هو، جنهن کان مان گهڻو تنگ هيس تنهن ڪري مون کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي، مان پنهنجي مامي ڏانهن وڃڻ چاهيان ٿي، ناري جي اهڙي بيان بعد  عدالت پوليس کي حڪم ڏنو ته ناري کي جنهن وٽ وڃڻ چاهي کيس ان حوالي ڪيو وڃي ان حوالي سان حسن واهڻ ٿاڻي جي پوليس جو چوڻ آهي ته اسان کي اطلاع مليو ته عورت سنڌو کي سندس مڙس تشدد جو نشانو بڻائيندو هو جنهن تي ڪارروائي ڪندي سنڌو کي بازياب ڪرائي وومين ٿاڻي منتقل ڪيو جتي کيس فورٿ جڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو جتي عدالت حڪم ڏنو آهي ته ناري جي وارثن کان لکت وٺي کيس انهن حوالي ڪيو وڃي جنهن بعد ناري کي سندس مامي عبدالوهاب حوالي ڪيو ويو آهي.6

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.