قمبر جي 2 پوليس اهلڪارن جون نوڪريون چٽ

لاڙڪاڻو(ڊ ر) ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان علي بلوچ سنڌ بلوچستان جي سرحدي لنگهه ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي ٿاڻي امام بخش جمالي جي حد ۾  سال 2008 دوران پوليس مقابلي جي ڪيس ۾ رشوت عيوض ڄاڻي واڻي عدالت ۾ غلط بياني ڪري جوابدارن کي فائدو پهچائڻ جي ڪوشش ڪندڙ پوليس جي ٻن هيڊ ڪانسٽيبلن پانڌي خان بروهي ۽ عبدالڪريم راهوجو کي نوڪرين تان برطرف ڪري انسپيڪٽر غلام علي لغاري جي ٻن سالن جي سروس ختم ڪري ڇڏي آهي. ياد رهي ته ڄاڻايل مقابلي جي دوران ان وقت ايس ايڇ اور شهدادڪوٽ محبت علي رند پڻ شهيد ٿيو هو.6

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.