دادلغاري جي اسپتال ۾ سئي لڳڻ بعد نينگري معذور، پوليو جو شڪ، وارثن جو مظاهرو

دادلغاري (رپورٽ:  امجد لغاري ) داد لغاري ۾ قائم ڊي ايڇ او گهوٽڪي جي پرائيويٽ اسپتال ۾ مقرر ڊاڪٽر  پاران تيز بخار ۾ مبينه انجيڪشن لڳائڻ سبب هڪ ساله معصوم نياڻي ڪنيزا پتافي بيهوش ٿي وئي معصوم نياڻي وئي، بيهوش ٿيڻ بعد  وارث معصوم نياڻي کي گهوٽڪي علاج ڪرائڻ لاءِ کڻي ويا جتي ڊاڪٽرن پاران نياڻي کي تيز بخار ۾ انجيڪشن هڻڻ سبب ري ايڪشن ٿيڻ ڪري ڄنگهن کان معذور ٿيڻ  بعد لاعلاج ڪري پوليو ٿيڻ جو شڪ ڏيکاري وارثن مٿان وڄ ڪيرائي ڇڏي آهي جنهن بعد وارث سخت پريشان ٿي ويا  ۽ معصوم نياڻي جو پيءُ اميرعلي پتافي پنهجي گهرواري سميت صحافين اڳيان احتجاج ڪندي چيو ته اسان پنهجي معصوم نياڻي ڪنيزا پتافي کي داد لغاري ۾ ڊي ايڇ او گهوٽڪي جي پرائيويٽ اسپتال ۾ طبعيت خراب ٿيڻ سبب علاج لاءِ کڻي ويا سين ته اتي مقرر عطائي داڪٽر اسلم لغاري اسان جي معصوم هڪ ساله نياڻي ڪنيزا کي انجيڪشن هنئي ته معصوم نياڻي اسپتال اندر موقعي تي بيهوش ٿي وئي ته اسان پريشاني ۾ معصوم نياڻي کي گهوٽڪي اسپتال کڻي ويا سين ته اتي ڊاڪٽرن ٽيسٽون ڪيون جنهن بعد ڊاڪٽرن تيزبخار ۾ انجيڪشن لڳائڻ سبب ري ايڪشن ٿيڻ ڪري نياڻي کي ٻنهي ڄنگهن  کان معذور ٿيڻ جي رپورٽ ڏيئي پوليو هجڻ ٿيڻ جو شڪ ڏيکاري لاعلاج ڪري واپس گهر روانو ڪري ڇڏيو . هن چيو ته هاڻي نياڻي جون ٻئي ڄنگهون سڪڙجي رهيون آهن جنهن بعد اسان معصوم نياڻي کي داد لغاري ۾ ڊي ايڇ او جي اسپتال ۾ کڻي وياسين ته هن اسان کي راضي ڪرڻ لاءِ وڏي بخار جو چئي هيلٿ ٽيم موڪلي معصوم جا جزا وٺي پوليو جي چڪاس لاءِاسلام آباد موڪلڻ جو آسرو ڏيئي ٽاري ڇڏيو هن چيو ته اسان سان عطائي ڊاڪٽر اسان جي معصوم نياڻي کي تيز بخار ۾ انجيڪشن هڻي وڏو ظلم ڪيو آهي هنن چيو ته ڊاڪٽر  خلاف ڪاروائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي .

هوڏانهن رابطي ڪرڻ تي اسلم لغاري ٻڌايو ته اسان جي اسپتال ۾ اهڙو ڪوبه مسئلو نه ٿيو آهي ۽ نه ئي اسان ڪڏهن تيز بخار ۾ ڪنهن کي انجيڪشن هنئي آهي ٻي طرف رابطو ڪرڻ تي ڊي ايڇ او گهوٽڪي الطاف سومرو ٻڌايو ته معصوم ڪنيزا کي وڏو بخار هيو جنهن جي ڪري هو ٻنهي ڄنگهن کان ڪمزور ٿي وئي آهي هيلٿ کاتي جي ٽيم موڪلي ان جا جزا وٺي اسلام آباد پوليو ٽيسٽ لاءِ موڪليا آهن رپورٽ اچڻ بعد هن جو علاج ڪيو ويندو.6

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.