سنڌ ۾ بيروزگاري جو طوفان آھي: اياز پليجو

حيدرآباد (رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آھي ته ٿرڪول منصوبي ۾ مقامي ماڻھن کي ڀرتي ڪيو وڃي۔ بدين، ميرپورخاص، حيدرآباد  سميت جتان تيل ۽ گئس نڪري ٿو، انھن آئل ۽ گئس فيلڊن ۾ مقامي ماڻھو ڀرتي ڪيا وڃن۔ نوڪرين کان اڳ ۾ مقامي ماڻھن کي ڀرتي ڪرڻ لاءِ ٽيڪنيڪل ڪورس ڪرايا وڃن۔ اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ ۾ بيروزگاري جو طوفان آھي پر حڪمرانن جون ترجيحات بيروزگاري، مھانگائي، غربت ۽ لوڊشيڊنگ جو خاتمو ناھي۔ حڪمران سوچي رھيا آھن ته ڪرپشن خلاف ڪارروائي کان ڪيئن بچجي۔ اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ جي ھر ڊويزن ۾ صنعتي زون قائم ڪيا وڃن، اتي انھن ڊويزن جي نوجوانن کي نوڪرين ۾ ترجيح ڏني وڃي۔ روزگار لاءِ بلڪل آسان قسطن تي قرض ڏنا وڃن۔ اياز لطيف پليجي چيو ته حڪومت روزگار جا وسيلا پيدا ڪري۔بيروزگاري ۽ مھانگائي جي ڪري غربت ۾ اضافو ٿيو آھي۔ خودڪشين ۾ اضافو ٿيو آھي۔ اھا انتھائي تشويشناڪ صورتحال آھي۔ اياز لطيف پليجي چيو ته زرعي تباھي جي ڪري سنڌ ۾ تمام گھڻي بيروزگاري وڌي آھي۔ پاڻي کوٽ جي ڪري 100 ايڪڙ بدران 30 ايڪڙ مشڪل سان آبادي ٿي رھي آھي۔ ان کان پوءِ فصلن جا اگهھ ڪيرائي آبادگارن ۽ ھارين کي ڪنگال ڪيو ويو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.