ڪنڌڪوٽ ۾ پيرسن عورتن جو بااثر ۽ پوليس خلاف احتجاج

ڪنڌڪوٽ (ڊ ر) ڪنڌ ڪوٽ ضلعي شڪارپور جي ڳوٺ ڊرپ ٽانوري جي 2 پيرسن عورتن زيب النسار ۽ بصيرا ميڊيا سينٽر پهچي بي سيڪشن پوليس ۽ بااثر جي خلاف احتجاج  ڪندي دانهيندي چيو ته   اسان جي برادري جو بااثر جيڪو بدمعاش ۽ ڏوهاري ماڻهو آهي جنهن  ڪجهه سال اڳ اسان جي همراهه کي به قتل ڪيو، هاڻي اسان کي نقصان پهچائڻ لاءِ اسان جي نوجوانن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪري رهيو آهي، پيرسن عورت وڌيڪ چيو ته  منهنجو پٽ احسان 15 سالن جو آهي جنهن مٿان به ڪوڙو ڪيس داخل ڪري اسان کي پريشان ڪري رهيو آهي،    ڪنڌ ڪوٽ بي سيڪشن ٿاڻي پوليس به جوابدار سان ٻٽ بڻيل آهي، هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته  نوٽيس وٺي بااثر خلاف ڪاررروائي ڪري تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.