فيض گنج تعلقي ۾ ماڪڙ جون تباهه ڪاريون جاري، احتجاج

فيض گنج( ن ع آ) ماڪڙ جون ڪٽڪن جي صورت ۾ تعلقي جي اڪثر ديهن ۾ تباهه ڪاريون جاري آهن، هزارين ايڪڙ سرنهن، ڪڻڪ، ڀاڄيون ۽ گاهه کائي ناس  ڪري ڇڏيا آهن، متاثر ديهن ۾ ننگر شر، محب شاهه، ڀنگوبهڻ، جعفر لاشاري، حسين پاتو، بصيرو، جاکيري، دنيرو  اڪرو، ماڙي، اڪري، عبدالله هيسباڻي، کنياري، ڪنڊياري، ڪلرو، مهر علي انڙ، گاداڻو. عثمان ملو، ٻڍو ملو، رتڙ  دنڌ، ساهتو، ڪوٽ لالو سميت آسپاس علائقا شامل آهن،  آبادگارن مهدي حسن لاشاري، لعل بخش راڄپر، امين راڄپر، شهباز خان ۽ ٻين دانهيو آهي ته ماڪڙ لشڪرن جي صورت ۾ پهتل آهي جنهن جي نتيجي ۾ هزارين ايڪڙ پوکيل ڪڻڪ، سرنهن، ڀاڄيون ۽ گاهه ماڪڙ کائي چٽ ڪري ڇڏيا آهن ماڪڙ ڪروڙن ۽ اربن جي تعداد ۾ آهي جنهن کي تڙڻ وس ۾ ناهي، تعلقي جي زراعت کاتي جي آفيس کي تالا لڳل آهن اسسٽنٽ ڪمشنر بيوسي ظاهر ڪري ٿو، نقصان جو ڪاٿو اربين رپيا آهي، ڪو به حڪومتي عملدار توڙي چونڊيل نمائندا لاتعلق بڻيل آهن، هنن چيو ته جيڪڏهن فوري طور جهازن ذريعي ڦوهارو ڪرائي ماڪڙ تي ظابطو نه آندو ويو ته ڏڪار واري صورتحال ۽  وڏو معاشي بحران پئدا ٿيڻ جو خدشو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.