سانگهڙ ويجهو بروهي ۽ مهر برادري ۾ جهيڙو، فائرنگ، هڪ ڄڻو زخمي

سانگهڙ (ڊ ر)سانگهڙ ويجهو منگلي ٿاڻي جي حد چڪ 84 ۾ بروهي ۽ مهر ٻرادري جي ٻنهي ڌرين معمولي ڳالھه تان جهيڙو ٿي پيو، فائرنگ ۾  مهر  برادري جو هڪ ڄڻو محمد حيات مهر زخمي ٿي پيو جنهن کي نواب شاهه اسپتال نيو ويو. هوڏانهن منگلي پوليس هڪ ڪلاڪ بعد جهيڙي واري هنڌ پهتو ٻنهي ڌرين جي بيان وٺڻ بعد روانو ٿي ويو. هوڏانهن منگلي ٿاڻي جو ايس ايڇ او رشيد چانهيو ٻڌاييو ته ٻنهي ڌرين ۾ معمولي ڳالهھ تان جهيڙو ٿيو آھي اسان وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آھيون.

پيرڳوٺ ۾ مينهن چوري ڪري فرار ٿيندڙ پوليس ڏسي مينهن ڇڏي گم

پير جو ڳوٺ (ن ع آ) پيرجوڳوٺ جي ڪلري محلا ۾ هڪ مهينو اڳ هٿياربندن هٿان مينهن چوري  دوران مزاحمت تي گولي هڻي زخمي ٿيل انيس احمد ڀٽيءَ واري ڪيس ۾ نامزد جوابدار عبدالرحمان لاشاري ۽ امجد لاشاري ڊاٽسن ۾ گھر جو سامان ۽ ٻار ٻچا کڻي فيض گنج فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڳجھي اطلاع بعد پيرجوڳوٺ پوليس ڪلري محلا تي ڇاپو هنيو ۽ جوابدار ٻارن ٻچن سميت فرار ٿي ويا، پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو آهي ته فيض گنج واسي اعجاز احمد لاشاري ڄاڻايل جوابدار جو سهولتڪار بڻجي کين لڏائي فيض گنج ڏانهن گھرائڻ جي ڪوشش ڪئي ته اوچتو پوليس ڇاپو هڻي سامان سان ڀريل ڊاٽسن کي تحويل ۾ وٺي ٿاڻي تي بيهاري ڇڏيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.