نصيرآباد اسپتال ۾ فوت ٿيل ٻارڙن جي وارثن جو احتجاج

نصيرآباد (ت ر) نصيرآباد لڳ ڳوٺ الھداد چانڊيو جي رهواسي قادر بخش چانڊيو جي ڄاول ٻن جاڙن ٻارڙن کي هفتو اڳ نصيرآباد اسپتال ۾ پيدائشي ٽڪڙا لڳڻ بعد مبينا ريئيڪشن سبب فوت ٿيڻ بعد ٻارڙن جي وارثن  تعلقي پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندي قادر بخش چانڊيو، حبدار علي چانڊيو، ذوالفقار علي چانڊيو، گلشن علي چانڊيو ۽ ٻين دانهيندي چيو ته   اسان جا ٻئي ٻارڙا ڊاڪٽرن ۽ ويڪسينيٽر جي غفلت سبب فوت ٿيا آهن، جيڪي فوت ٿيڻ کان 3 ڏينھن اڳ بلڪل نارمل هئا، هنن چيو ته ڊاڪٽرن پوسٽ مارٽم ۾ واقعي جو ذميوار اسان کي ڄاڻائي ڇڏيو، جيڪا سراسر ناانصافي آهي،  هنن وس وارن  کان مطالبو ڪيو ته  اسپتال عملي کي گرفتار ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.