شاگرد تحريڪ جو اڀرڻ… ۽ چڻگ دُکي پئي….

زاهد ميراڻي

اڄ دنيا بظاهر ۽ بحقيقت سرمائيداري ڪيمپ جي اثر هيٺ آهي ۽ دنيا ۾ طاقت جو توازن روس جي زوال بعد جهڙوڪر آمريڪا ۽ ان جي اتحادي سرمائيدار ملڪن جي هٿ وس اچي ويو آهي جن ۾ برطانيه، آمريڪا جي اتحادي طور تي انتهائي اهم آهي، باقي سرمائيدار دنيا پڻ آمريڪا جي هائوڪار ۾ آهي، عملي طور تي اهڙو پس منظر رکندڙ دنيا، ان دنيا جي ڀيٽ ۾ انتهائي خطرناڪ ٿي وئي آهي جيڪا روس ۽ آمريڪا جي اثر هيٺ ٻن بلاڪن ۾ چئي ويندي هُئي، عام طور تي انهن ٻنهي بلاڪن کي سرمائيدار ۽ سوشلٽ بلاڪ چيو ويندو هو.

دنيا ۾ سرد جنگ جي پڄاڻيءَ بعد روس جو سوويت يونين جو ٽٽڻ هڪ انتهائي اهم سياسي تبديلي آهي جنهن نه صرف سياست تي انتهائي منفي اثر وڌا آهن پر ان سان دنيا جي معيشت، معاشي نظام ۽ سياسي نظام انتهائي بدترين نموني  متاثر ٿيا. روس جي ٽٽڻ بعد ته جهڙُوڪر سوشلزم عملي طور تي ناڪام ٿي ويو پر دنيا جي سياسي پس منظر ۾ سوشلزم اڃان ختم نه ٿيو هو پر جيئرو هو ۽ تقريبن دنيا جي ويهن ملڪن ۾ ڪنهن نه ڪنهن حيثيت ۾ زنده رهيو ۽ حقيقتن ته دنيا جي ڪجهه ملڪن ۾ سوشلزم هڪ سياسي حقيقت بڻيل رهيو.

دنيا جي سياسي تاريخ ۾ سوشلزم جي دور اچڻ بعد جهڙوڪر اها ڳالهه سماجي ۽ سياسي طور تي هڪ حقيقت ٿي پئي ته عوام حقيقي طور تي پنهنجي ملڪ جي سياسي نظام جو والي ۽ وارث ٿي پيو هو ۽ اهو ئي پنهنجي ملڪ جي معيشت جو مالڪ، والي وارث ۽ ڌڻي ٿي پوي ٿو.

سماج ۾ سياست ئي اهڙُو عنصر آهي جيڪو عوام کي پنهنجي آزادي، سماجي، انساني ۽ قانوني حقن کان نه صرف واقف ڪري ٿو پر انهن کي اهي سمورا حق جهڙوڪر هٿ ۾ ڏئي ٿو، جيڪا ڳالهه هوند سامراجي ڪيمپ ۽ انهن جي سمورن دلالن ۽ لاٽڙين کي پسند نه آهي نتيجي طور تي دنيا جي سامراجي ڪيمپ جي ڇاڙتن جي هڪ فوج انهن ملڪن ۾ وارد ٿئي ٿي جنهن جو ڪم عوام جي بنيادي سياسي، معاشي ۽ جمهوري حقن جي لتاڙ ڪري هڪ اهڙُو سياسي نظام قائم ڪري ٿي جنهن جا حڪمران ته اهي پاڻ ٿي ويهن ٿا  پر دعوى اها ڪئي وڃي ٿي ته اصل حڪمران عوام ئي آهي.

هن وقت دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ سامراجي ڪيمپ جي حڪمران جي خلاف عوام جو رد عمل جاري آهي، اهڙن ملڪن ۾ لاطيني آمريڪا جي ملڪ خاص ڪري بوليويا، عرب ملڪن مان عراق ۽ ڏکڻ ايشيا جي ملڪن ۾ پاڪستان شامل آهي، جتي عوام انتهائي گهٽ ۽ ٻوسٽ واري سياسي ماحول مان جان آجي ڪرائڻ لاءِ وقت بوقت احتجاج، مظاهرا ۽ ڌرڻا هڻي جدوجهد ڪندو رهي ٿو.

بوليويا جي عوام جي مذهبي شدت پسند حڪمرانن خلاف ڪامياب جدوجهد، عراق جي عوام پاران موجود حڪومت خلاف ٻن مهينن کان هلندڙ جدوجهد ان جا مثال آهن، جڏهن ته پاڪستان ۾ اهڙي چڻگ پڻ دکندي رهي ٿي.

دنيا ۾ عوام پاران جيڪا به جدوجهد هلي ٿي ان ۾ مجموعي طور تي عوام جي سياسي حقن جي بحالي، جمهوريت جي بحالي، معاشي هڪ جهڙائي، حڪمرانن جي ڪرپشن جو خاتمو، گڊ گورننس، عوام جي معاشي بحالي، بهتر صحت، تعليم ۽ زندگيءَ جي بنيادي ضرورتن جي فراهميءَ جهڙا نقطا شامل هوندا آهن.

لاهور ۾ هر سال 26- نومبر تي فيض ادبي ميلو ٿيندو آهي جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ فيض احمد فيض جو اقبال بانو جي آواز ۾ ڳايل انقلابي ڪلام ‘لازم ہے کہ ہم بھی دیکھیں گے، وہ دن کہ جس کا وعدہ ہے۔”، ٻڌو ويندو آهي، پر هن سال صورتحال ان وقت تبديل ٿي وئي جڏهن هڪ شاگرد اورنگزيب ۽ هڪ شاگردياڻي عروج بلند آواز ۾ هندستان جي انقلابي ۽ ديش ڀڳت رام پرساد بسمل عظيم آباديءَ جو 98- سال اڳ لکيل نظم: ”سرفروشی کی تمنا اب ہمارے دل میں ہے ، دیکھنا ہے زور کتنا بازوئے قاتل میں ہے’“ ڳائي جهڙوڪر عوام کي هن گهٽ ۽ ٻوسٽ واري ماحول ۾ اتساهه ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي هُئي، اها خبر شايد عروج ۽ اورنگزي سميت ڪنهن کي به نه هوندي ته سندن بسمل عظيم آباديءَ جو ڳايل نظم سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويندو ۽ پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ باهه ٻاري ڇڏيندو.

عروج ۽ اورنگزيب جوڳايل اهو نظم جڏهن سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيو ته ان سڄي ملڪ جي جموريت پسندن، ترقي پسندن، انساني ۽ سماجي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ ڪارڪنن ۽ انهن جي سوچن ۽ جدوجهد ۾ جهڙوڪر هڪ ساهه ڦوڪي ڇڏيو ۽ ملڪ جي سياسي پس منظر ۾ ان ننڍڙي نظم ايترو ته اثر ڇڏيو جو ملڪ جي سياسي قيادت کي پڻ شاگردن جي اهڙي اتساهه جو تسلسل بڻجڻو پيو.

 

عروج فيض ميلي ۾ جڏهن رام پرساد بسمل جو نظم پڙهيو هو ته ان وقت هُن جو مقصد رڳو ميلي ۾ شريڪ ماڻهن کي دعوت ۽ اتساهه ڏيڻ هو، سندس چوڻ آهي ته اسان جو ٻيو ڪوبه مقصد نه هو، عروج جو چوڻ آهي ته اسان عام ماڻهن مان آهيون ۽ انهن جي لاءِ مثبت سوچ رکون ٿا، ها اسان جو اهو مقصد ضرور آهي ته ” اسان خودڪشيون ڪرڻ نه ٿا چاهيون، اسان نظام تبديل ڪرڻ ٿا چاهيون“ .

عروج، جي نظام تبديل ڪرڻ واري سوچ جڏهن هڪ ڀريل مجموعي ۾ هڪ انقلابي گيت جي ذريعي لکين ڪروڙين ماڻهن تائين پهچي ٿي ته ان جو ڪينواس ۽ اهميت انتهائي وسيع ۽ سگهارو ٿي وڃي ٿو، ضروري ناهي ته عروج اهو نظم واقعي به ان تحريڪ يا عوامي اڀار کي ذهن ۾ رکي چيو هُجي جيڪو سندس نظم ڳائڻ جي ٽن ڏينهن بعد سڄي ملڪ ۾ اڀريل آهي، عروج جي اهو آواز جيڪو فيض ميلي ۾ گونجيو هو اهو هاڻي هڪ تحريڪ بڻجي چڪو آهي، جنهن جو نعرو آهي، ” توکي ڏيڻي پوندي آزادي“.

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.